اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي اسد علي طور چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي وضاحت وڏي دلچسپ آهي ان ۾ اهو خط ۾ لڳايو ويو آهي جيڪو رجسٽرار سپريم ڪورٽ 21 سيپٽمبر تي ايوي ايشن اٿارٽي جي سيڪريٽري کي لکيو هو، ان ۾ لکيو ويو آهي ته ايئرپورٽن تي اڳوڻي چيف جسٽس،۽رٽائرڊ ججن ۽ انهن جي گهروارين کي تلاشي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، پر توهان حاضر سروس ججن جي گهروارين کي تلاشي کان ڇوٽ ناهي ڏني، 12 آڪٽوبر تي ايوي ايشن سيڪريٽري ايئرپورٽ اختيارين کي ججن ۽ سندن گهروارين کي تلاشي کان ڇوٽ ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ ان تي پنهنجي وضاحت جاري ڪئي آهي، اها وضاحت سپريم ڪورٽ جي اصل پي آر او شهزاد ڪمبوهه جاري ڪئي آهي، ان ۾ اي ايس ايف جي ڊي جي ۽ ايوي ايشن اٿارٽي سيڪريٽري کي مخاطب ڪيو ويو آهي ته توهان اسان جي لکيل خط جو متن به ميڊيا کي جاري ڪيو ها، جسماني تلاشي کان ڇوٽ جو قاعدو سپريم ڪورٽ ناهي بڻايو نه ئي استثنيٰ جو مطالبو ڪيو ويو هو، رجسٽرار رڳو هڪ تضاد جي نشاندهي ڪئي هئي ته سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن جي گهرڀاتين کي جسماني تلاشي کان ڇوٽ حاصل آهي پر حاضر سروس ججن جي گهروارين کي ڇوٽ ڇو ناهي؟ صحافي چيو ته ان تضاد جي نشاندهي جو اصل مقصد ججن جي گهروارين کي ڇوٽ ڏيارڻ هئي، جيڪڏهن ميرٽ تي فيصلو ڪجي ها ته اهو چيو وڃي ها ته رٽائرڊ ججن جي گهروارين ۽ حاضرسروس ججن جي گهروارين ٻنهي کي ڇوٽ نه هئڻ گهرجي، اهو خط 66 ڏينهن کانپوءِ منظرعام تي ڇو آيو آهي، پاڪستان ۾ اهو ته ٿيندو آهي ته بيوروڪريسي پنهنجي گيم کيڏندي آهي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي گيم کيڏندي آهي۽ اسان جي سپريم ڪورٽ پنهنجي گيم کيڏندي آهي، سوال اهو آهي ته معزز سپريم ڪورٽ ٻڌائيندي ته توهان کي 66 ڏينهن اڳ اهو خط لکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي،رجسٽرار صاحبه کي ڪنهن چيو ته رٽائرڊ ججن جي گهروارين کي استثنيٰ ملي رهي آهي ،حاضر سروس ججن جي گهروارين کي ڇوٽ نه پئي ملي، اها ٻيهر لکي ٿي ته ججن جي گهرڀاتين کي استثنيٰ وارو ڪارڊ اڃا تائين جاري ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ ججن کي گندو ڪرڻ لاءِ اي ايس ايف ۽ ايوي ايشن اختيارين ليڪ ڪري ڇڏيو پر جنهن معاملي تي انهن کي گندو ڪيو ويو اهي ڪارڊ اڃا جاري نه ڪيا ويا، هن چيو ته مون کي خبر آهي ته سرينا عيسيٰ ته سپريم ڪورٽ جي گاڏي به استعمال نٿي ڪري، پارڪنگ به عام شهرين سان گڏ ڪندي آهي،هوءَ ڪپڙا به سادا پائيندي آهي،رجسٽرار صاحبه چيف جسٽس جي منظوري سان ئي خط لکندي آهي، هيومن رائٽس سيل معاملي تي به چيف جسٽس ان جي قانوني حيثيت بابت سوال اٿاريو هو،