ڇا قانون ۽ ضابطا رڳو عام شهري لاءِ آهن؟سينيٽر مشتاق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ايئرپورٽن تي سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ سندن گهروارين کي تلاشي کان  ڇوٽ وارن اطلاعن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته چيف جسٽس صاحب! اهو درست ناهي، جيڪڏهن جنرلن، ججن، سياستدانن، پارليامينٽرين ۽ بيوروڪريٽس کي قانون ۽ قاعدن ۽ ضابطن کان استثنيٰ حاصل آهي ته پوءِ ڇا قانون ۽ ضابطا رڳو عام شهري لاءِ آهن؟ آئين جي آرٽيڪل 25 موجب ڇا سڀ شهري برابر ناهن؟مون هميشه استحقاق، استثنٰي، پروٽوڪول ڪلچر ۽ پارليامينٽ ۾ ججن، جنرلن، پارليامينٽرين/سياستدانن، بيوروڪريٽس ۽ اشرافيه سان ٿيندڙ اسپيشل سلوڪ خلاف آواز اٿاريو آهي، اهي نوآبادياتي دور جون خراب يادون آهن، جيستائين اسان جي اشرافيه عوامي سطح تي نه ايندي پاڪستان جي حالت تبديل نه ٿي سگهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.