رڳو بلوچستان نه پر سڄي ملڪ مان سرپرائز ڏينداسين: بلاول

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري جو چوڻ آهي ته هن وقت ڪا به سياسي پارٽي پيپلز پارٽي جي مخالف ناهي، سياسي پارٽين جا دروازا هميشه ڳالهين لاءِ کليل آهن.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت ٺهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.پ پ چيئرمين چيو ته اسان مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هن وقت مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، نوجوانن ۽ مزدورن کي رليف ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪنداسين.هن چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن ۾ اسان سان گڏ رهيا، ميان صاحب جو پهريون دور ڪنهن آمريت کان گهٽ نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.