پنجاب جهڙي ترقي لاءِ سنڌ جو عوام نواز ليگ کي آزمائي: احسن اقبال

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ جو عوام مسلم ليگ (ن) کي هڪ ڀيرو آزمائي ڏسي،  جيڪڏهن اسان توهان جي خدمت نه ڪري سگهياسين ته توهان جا مجرم هونداسين.لاهور ۾ بشير ميمڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ن ليگ پنهنجي ڪارڪردگي جي ڪري اليڪشن ۾ گهڻي پراعتماد آهي، سنڌ ۾ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم)، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سان ڳالهيون جاري آهن، جنهن تڪ ۾ جنهن جو اميدوار بهترين اميدوار هوندو ان جي حمايت ڪئي ويندي.بشير ميمڻ چيو ته شهباز شريف ۽ مريم نواز جلد سنڌ جو دورو ڪندا، ڌاڙيل راڄ۽ مافيا مان جان ڇڏائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.