ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي نظري بندي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي 20 ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، فردوس شميم نقوي جي زال جي وڪيل چيو ته فردوس نقوي جي عمر 68 سال آهي هو ڪينسر جو مريض آهي هن کي 14مئي تي گرفتار ڪري سکر جيل ۾ رکيو ويو، مهيني جي نظر بندي کانپوءِ مبينا ٽائون واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، درخواستگذار زال جو چوڻ آهي ته منهنجو مڙس 6 مهينن کان جيل ۾ آهي، عملدارن سان رابطو ڪرڻ بعد خبر پئي ته ان مٿان ٻيا به ڪيس آهن
ملڪي مسئلن جو حل رڳو جماعت اسلامي وٽ آهي: سراج الحق
لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪي مسئلن جو حل جماعت اسلامي وٽ آهي عوام اسان کي مينڊيٽ ڏئي، اسان کي حقيقي معنى ۾ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون ٿا، پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٽنهي وڏين پارٽين سياسي، آئيني ۽ معاشي بحرانن ۾ اضافو ڪيو، انهن پارٽين ۽ ملڪ جي طاقتور حلقن عوام سان هميشه دوکو ڪيو،هن انهن خيالن جو اظهار منصوره ۾ فافن وفد کان ملاقات دوران ڪيو. سراج الحق چيو ته زرعي ملڪ ۾ زرعي پاليسي ناهي، اسان حڪومت ۾ اچي هارين کي بناوياج قرض ڏينداسين