ڪراچي(ع آ نيوز) وڪيلن ۽ ايس يو پي لائيرز فورم اڳواڻ صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ ايٽ ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪرائيندي گهر ڪئي آهي ته حيدرآباد ۾ ڪلچر کاتي پاران 21 ڊسمبر تي ٿيندڙ شيخ اياز ميلو ۾ بلاول ڀٽو کي افتتاح ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ايس يو پي لايرز فورم جي صدر ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، وڪيل اڳواڻن صداقت ميمڻ، اصغر ناريجو ۽ ٻين صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ 21 ڊسمبر تي ٿيندڙ ”شيخ اياز ميلو“ جي عنوان سان تقريب ٿيڻ واري آهي. جنهن ۾ بلاول هائوس ترجمان پوسٽر جاري ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري، ٽن ڏينهن واري ميگا ايونٽ جو افتتاح ڪندو. وڪيلن موجب شيخ اياز ميلو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو، اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا. جڏهن ته اليڪشن شيڊول جاري ڪيو ٿي چڪو، هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ جي هڪ سرڪاري پروگرام ۾ خاص مهمان طور شامل ٿيڻ، شڪ پيدا ڪري ٿو ته چونڊ مهم سرڪاري وسيلن سان ترتيب ڏني وئي آهي.