اي جي سنڌ جي پيدا ڪيل مسئلي سبب 30 بسون بندرگاهه تي خراب پيون ٿين:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وزير اعلي هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته  چائنا مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ سنڌ حڪومت جون 30 بسون ڪراچي بندرگاهه تي خراب ٿيون ته ذميوار اڪائونٽ جنرل ( اي جي) سنڌ هوندو. نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران چين مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ 30 بسون ڪسٽم ڪليئرنس نه ملڻ سبب بندرگاهه تي روڪيون ويون آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت پهرين ڊسمبر 2023ع تي 1000 ملين رپيا جاري ڪيا ۽ 6 ڊسمبر 2023ع کان فنڊن جي منتقلي روڪي وئي. هن چيو ته قانون موجب ٽريزري آفيس کي رقم منتقل ڪرڻ جو اختيار آهي، بدقسمتي سان اي جي سنڌ هاڻي ناڻي جي تصديق قبول نه پيو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اي جي سنڌ به ان ڳالهه جي تصديق لاءِ سنڌ حڪومت کان اختيار وٺڻ چاهي ٿو. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته رقم سنڌ حڪومت جي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان کي جاري ڪري رهي آهي پر اي جي سنڌ ان جي تصديق ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته پنجاب ۾ اڄ به ناڻي واري رقم جي تصديق ٿئي ٿي پر سنڌ سان مختلف رويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اي جي سنڌ جي پيدا ڪيل مسئلي سبب اسان جون 30 بسون بندرگاهه تي خراب ٿي رهيون آهن نگران وڏي وزير ناڻي   واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته معاملي تي وفاقي سيڪريٽري ناڻي سان ڳالهايو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان پنهنجو رستو اختيار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.