غزا(م ڊ) غزاجي جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 151 ٿي ويو جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق جباليه ۽ نصرت پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي فلسطينين جي مارجڻ جو اطلاع آهي،شهيدن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الجزيره مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزا جي اسپتالن کي نشانو بنايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪيترائي فلسطيني مرد، عورتون ۽ ٻار اڃا تائين گُم آهن. فلسطيني خابرو اداري وفا جي رپورٽ ۾ غزه جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جباليه ۾ البرش ۽ـ الوان خاندانن جي ملڪيت، رهائشي علائقي تي شديد بمباري ڪري رهي آهي، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 19 هزار تائين پهچي ويو آهي.