غزا جي الشفا اسپتال ۾ هر طرف خون پکڙيو پيو آهي: ڊبليو ايڇ او

غزا(م ڊ) صحت بابت گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته اتر غزا جي الشفا اسپتال ۾ طبي سامان پهچائڻ واري ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ  ۾ هر طرف رت پکيڙيو پيو آهي جتي سَوين ماڻهو زخمي حالت ۾ موجود آهن، جڏهن ته نَون زخمين کي مسلسل آندو پيو وڃي. ڊبليو ايڇ او طرفان جاري بيان مطابق اسپتال ۾ زخمي مريضن لاءِ ڪا مناسب سهولت موجود آهي ۽ کين فرش تي ئي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻارڻ، آڪسيجن خاص طور تي طبي عملي ۽ سامان جي کوٽ سبب آپريٽنگ ٿيٽر ۽ ٻيون خدمتون دستاب ناهن. هن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ بنيادي انساني ضرورتون دستياب ناهن، هزارين بي گهر ماڻهو اسپتالن ۾ پناهه وٺي رهيا آهن جن کي کي خوراڪ ۽ صاف پاڻي شديد کوٽ درپيش آهي.صحت جي عالمي اداري مطابق هن وقت الاحلي عرب اسپتال اتر غزه جي واحد جزوي طور تي فعال اسپتال آهي جنهن سان ٽي گهٽ ۾ گهٽ اسپتالون الشفا، العوده ۽ الصحابه ميڊيڪل ڪمپليڪس آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.