ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ قائد اعظم جي مزار کان گم ٿيل چئن سالن جي عائشه اصغر ۽ گذري مان گم ٿيل رمشا ۽ ٻين 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي واري درخواستن تي ٻڌڻي ٿي ، عدالت اڳڀرائي رپورٽ پيش ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، درخواستگذارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته هن مهل تائين جيڪا به جاچ ٿي آهي اسان سهڪار ڪيو آهي، نينگريون هٿ ناهن آيون، جسٽس امجد علي سهتو جاچ آفيسرکي چيو ته اوهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو ته اسان ڊي آءِ جي کي طلب ڪرايون، عائشه جي گهروارن چيو ته اسان هر اداري وٽ ويا آهيون پر اسان جي نينگري جي خبر ناهي پئجي سگهي، عدالت پوليس کي نينگرين کي فوري آزاد ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وڏي وقت عرصي کان گم ٿيل رياست الله ۽ واجد حسين سميت ٻين جي آزادي بابت ٻڌڻي دوران پوليس اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته رياست الله جو ڪيس جبري گم ٿي ويلن واري ڪيٽگيري ۾ شامل ڪيو ويو، عدالت ۾ گم ٿيل جي زال چيو ته 9سال ٿي ويا آهن اسان جون حالتون خراب آهن، واجد حسين جي ماءُ عدالت ۾ چيو ته قرآن تي هٿ رکي چئي سگهان ٿي ته منهنجو پٽ ايجنسي وٽ آهي، عدالت ايس ايس پي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.