ڪراچي ۾ نالن جي متاثرن کي متبادل گهر نه مليا، ميئر ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر،  اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن کي معاوضن جي ادائگي واري ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين اختيارين کي طلب ڪري ورتو آهي، متاثرين جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته متاثرين کي ڀاڙي جي مد ۾ ڪافي چيڪ مليا آهن پر متبادل گهر ڏيڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيو آهي، سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ته متاثرين کي 80 گز جا گهر ٺاهي ڏيو، سرڪاري وڪيل جواب لاءِ مهلت جي استدعا ڪري ڇڏي، ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪئي وئي، ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاهران گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن طرفان احتجاج ڪيو ويو، ڀاڙي جي مد ۾ رهيل چيڪ جاري ڪرڻ ۽ گهر ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.