ڄامشوري ۾ يونيورسٽي استادن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ريلي، ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو تان سنڌ يونيورسٽي جي ٻن استادن تي ملڪ سان بغاوت جي الزامن تحت ڪيس داخل ٿيڻ  خلاف استادن جي تنظيم سوٽا پاران امتحانن جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سوٽا پاران ٻن استادن پروفيسر ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو تي ملڪ سان بغاوت جي الزام هيٺ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر تانيا مشتاق، ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، عرفانا ملاح ۽ امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي ۾ هلندڙ پيپرن جو بائيڪاٽ ڪري سينٽرل لائبريري کان سنڌالاجي تائين ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، استاد اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ثقافتي ڏينهن يونيورسٽيءَ اندر هر سال شاگردن طرفان ملهايو ويندو آهي، ان جو ڏوهه استادن تي مڙهڻ ۽ مٿن بعاوت ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، هن وقت تائين ڪيس مان استادن جا نالا خارج نه ڪيا ويا آهن، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ترت حڪومت ۽ پوليس اختيارين سان رابطو ڪري استادن جا نالا ڪيس مان ختم ڪرائي، ٻي صورت ۾ پيپرن جو بائيڪاٽ جاري رهندو ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.