اسلام آباد(م ڊ)عالمي خابرو ادارن انڪشاف ڪيو آهي ته آچر تي تحريڪ انصاف جي ورچوئل يا آن لائن جلسي دوران عمران خان جي تقرير لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتين تقريباً چار منٽن جو جيڪو ڪلپ ٻڌو ان ۾ عمران خان جو آواز اي آءِ ڪلون جو هو، اي ايف پي ۽ رائٽرز طرفان ان انڪشاف کانپوءِ ڪيترائي سوال پيدا ٿيا آهن.تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا عهديدار جبران الياس پاڻ آچر تي اها وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي ۽ وضاحت ڪئي ته اها آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ٺاهي وئي آهي،جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل تي اهو تاثر ڏنو ته وڊيو ڪلپ حقيقي آهي ۽ حقيقت ۾ عمران خان پيغام جيل مان موڪليو آهي.اي ايف پي سان ڳالهائيندي جبران الياس وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن موڊ ۾ اچڻ چاهيون ٿا. تحريڪ انصاف جو ڪو به سياسي جلسو عمران خان کانسواءِ مڪمل نه ٿيندو.