پاڪستان ۾ فيس بڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ايڪس سروس متاثر

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سائيٽس تائين پهچ معطل ٿيڻ جا اطلاع آهن.  انٽرنيٽ آبزرويٽري موجب پاڪستان ۾ فيس بڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ايڪس جون خدمتون متاثر آهن. فيس بڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ايڪس سروس متاثر ٿيڻ سبب شهري سخت  مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻئي پاسي واهپيدار سوشل ميڊيا تي سروس متاثر ٿيڻ جي شڪايت ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا سروسز متاثر ٿيڻ بابت پي ٽي اي طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

پي ٽي آءِ پاران ورچوئل پاور شو، هزارين ماڻهو شريڪ

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ورچوئل پاور شو ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان ڪارڪن آئن لائن جلسي ۾ شامل ٿيا.مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي لائيو ڪوريج ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي اڳواڻي جبران الياس ڪري رهيو هو. ورچوئل جلسي ۾ رئوف حسن، مومنه نيازي، تيمور جهڳڙا، ڪنول شوزب، حافظ فرحت عباس، مينا خان آفريدي ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو. ورچوئل جلسي ۾ شڪاگو، ڪينيڊا، نيو جرسي، واشنگٽن، برطانيه ۽ ٻين هنڌن جي پي ٽي آءِ اڳواڻن شرڪت ڪئي. تحريڪ انصاف جا ڪارڪنن گهرن ۾ ويهي پارٽي قيادت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان جو چوڻ هو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي آن لائن جلسو ڪيو آهي، وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا آهن. هن چيو ته آن لائن جلسي جي سٺي موٽ ملي آهي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به ورچوئل جلسا ڪرايا ويندا.ٻئي پاسي نيٽ بلاڪس موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي بندش پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ورچوئل جلسي کان ٿورو اڳ شروع ٿي. سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل جبران ناصر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي جلسي جي مخالفت ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ سان هٿ چراند ڪئي وئي، جنهن سبب لکين سبسڪرائبرز ۽ هزارين ڪاروباري مسئلا پيدا ٿيا. سماجي اڳواڻ عثمان خلجي به پاڪستاني عوام جي معلومات تائين پهچ جي بنيادي حق کسڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.