ميهڙ(رپورٽ: فراز چنا) راڌڻ مان 7 ڏينهن اڳ مبينه طور اغوا ٿي ويل ٻارڙي جو لاش دادو ڪئنال مان هٿ، وارثن طرفان قتل جو الزام هنيو ويو آهي، 7 ڏينهن اڳ راڌڻ شهر جي بروهي محلا مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل 9 سالن جي معصوم ٻار سميع الله بروهي جو لاش شاهه پنجو پوليس جي حد آگهاماڻي موري ڀرسان دادو ڪئنال مان هٿ آيو، شاهه پنجو پوليس دادو ڪئنال مان لاش ڪڍي تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو، لاش پوشت مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙو پراسرار نموني طور گم ٿي ويو هو سندس وارثن ٻارڙي کي پنھنجي ئي عزيز تي اغوا جو الزام ھنيو ھو ۽ اهڙي فرياد راڌڻ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، راڌڻ پوليس اغوا جي الزام ۾ آيل ٻارڙي جي ويجهي عزيز راشد کي پڻ گرفتار ڪيو هو، مبينا طور قتل ڪيل ٻارڙي جي سئوٽ ٻڌايو ته سميع الله کي اغوا ڪيو ويو ته اسان کي سميع الله جي اغو جو شڪ هو جوابدار اعتراف به ڪيو هو پر راڌڻ پوليس ٻارڙي جي اغوا کي سنجيده نه ورتو نه ئي وري ڪا ڪارروائي ڪئي. جنهن بعد اڄ سندس لاش مليو آھي، ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر پير نياز احمد قريشي ٻڌايو ته شروعاتي رپورٽ مان ٻار جي جسم تي تشدد جا ڪي نشان ناهن مليا، ٻار جي جسم جي مختلف حصن جا جزا ورتا آهن جيڪي چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا رپورٽ اچڻ بعد ئي ٻڌائي سگهجي ٿو، هوڏانهن معصوم ٻار جي مبينه اغوا ۽ گذريل ڏهاڙي سندس امڙ جو پاڪ ڪتاب کڻي دردناڪ بيان ۽ اٺ سندس لاش ملڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.