جماعت اسلامي جو چونڊن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان اتحاد نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چونڊن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان اتحاد نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي  ته جماعت اسلامي ايندڙ چونڊون امن، ترقي ۽ خوشحالي جي منشور تي وڙهندي، هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، اسان تعليم صحت ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪنداسين، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به اتحاد نه ڪنداسين، شفاف اليڪشن جي لاءِ عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو غير جانبدار هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن شفاف چونڊون نه ٿيون ته اليڪشن نتيجن کي تسليم نه ڪنداسين، هن چيو ته جماعت اسلامي عوام جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جاگيردار نظام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اقتدار ۾ اچي نوجوانن کي نوڪريون ڏينداسين،ملڪ جو عوام جاگيردارن،سرمائيدارن وٽ يرغمال بڻيل آهي، حڪمران عالمي ادارن جي ڊڪٽيشن تي عوام سان ڪلور ڪن ٿا، ايندڙ چونڊن ۾ عوام وٽ جماعت اسلامي ئي آپشن آهي، ٻين پارٽين کي ته گذريل ڪيتري عرصي کان آزمايو پيو وڃي پر نتيجا سڀني جي سامهون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.