جاتي ۾ درگاهه تي رهندڙ نينگر اغوا، 3 ڏينهن تائين بدفعلي

جاتي(ن ع آ)جاتي شهر ۾ درگاه مگرڀين جي گادي نشين جي حويلي ۾ رهندڙ 3 ڪلاس جي شاگرد 12 سالا ضمير علي ملاح 7 ڏينهن  مبينا اسڪول ٻارهران اغوا ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن بدين ويجهو رڙي ٻيلو ۾ نيم بيهوشي جي حالت ملڻ بعد ٻي ڏينهن جاتي ۾ پنهنج پئُ بچل ملاح سان گڏجي ميڊيا اڳيان داهيندي روئي ڏنو سندس حالت خراب هجڻ باوجود ميڊيا اڳيان انڪشاف ڪندي الزام هڻندي چيو ته مون کي اسڪول ٻارهران سليم خليفو،عبدالله خليفو ۽ علي محمد خليفو زبردستي اغوا ڪري اڻڄاتل جڳهه تي ٽنهي ڄڻن ڏينهن رات مون سان بدفعلي ڪئي جنهن سبب آئون بيهوش ٿي ويس، چار ڏينهن بعد رڙي ٻيلي ڀرسان هڪ روڊ تي هٿ پير ٻڌي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هن وقت مونکي چيل ۽ پيٽ ۾ تمام گڻو سور آهي جنهن ڪري آئون هلي گمي ڦري نٿو سگهان، هٿ پير ٻڌي بدفعلي ڪئي وئي، انصاف ڪيو وڃي، درگاهه مگرڀين جي گادي نشين پاڳارو طفيل احمد يو ته هي معصوم تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجي حويلي ۾ رهندو هو جنهن کي اغوا ڪندڙ ۽ بدفعلي ڪندڙ جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.