سن ( ن ع آ ) سن ۾ جشن جي ايم سيد جي شاندار تقريب منعقد ڪري سيد کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سن ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ سن نوجوان سنگت طرفان جشن جي ايم سيد جي عنوان سان نوجوان سنگت جي اڳواڻن نعمت الله شاهاڻي، اشفاق خاصخيلي، فياض علي چانڊيو، صمد علي سمون، رحم حسين چانڊيو جي ميزباني ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، سن سميت مانجھند تعلقي جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، شاعرن، اديبن ۽ شهرين سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جشن جي ايم سيد جي پهرين ويهڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي سياسي، سماجي ۽ ادبي زندگي تي روشن وڌي وئي، جڳديش آهوجا خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين اوليائن جي ڌرتي آهي تاريخ جي مختلف وقتن تي سنڌ خلاف سازشيون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌ پنهنجي وجود سان اڄ به قائم ۽ دائم آهي سائين جي ايم سيد موجوده وقت جو وڏو سچ آهي، جنهن چيو هو ته مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ۽ خطي جي لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيندي، جيڪا ڳالهه اڄ سچ ثابت ٿي آهي، سائين جي ايم سيد اسان کي شاھه عبدالطيف ڀٽائي جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سنڌي هجڻ جو احساس ڏياريو، ايس يو پي مرڪزي ڳواڻ سيد منير حيدر شاھه خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد سڀني جو رهبر هو، جنهن پنجاھه ڪتاب لکي، سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌي قوم کي ٻڌايو ته سنڌ جي نجات ۽ خوشحالي تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌي متحد ٿيندا، اسان دنيا جي عظيم ۽ تاريخي قومن مان هڪ قوم آهيون، جنهن کي دنيا جي ڪا به تاريخ مٽائي نه ٿي سگهي، ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته سنڌين جي خلاف جڏهن به جنهن به وقت ڪا سازش ڪو ظلم ٿيو آهي ته سنڌ جي مظلومن ماڻهن جي آخري اميد سائين جي ايم سيد جا فڪري پوئلگ هوندا آهن ۽ اهي انهن سازشن ۽ ظلم خلاف اٿي کڻا ٿيندا آهن سائين جي ايم سيد جو فڪر سوڀ ماڻي چڪو آهي اسان کي يقين آهي ته سچ جو سج ضرور اڀرندو ، جشن جي ايم سيد جي هن تقريب ۾ سنڌ جي نوجوان کي اها اپيل ڪنداسون ته سنڌ جي قومپرست پارٽين جو حصو ٿين پنهنجي ڌرتي ۽ مائرڙون جي خوشحالي جي لاءِ جدوجھد ۾ شامل ٿين.