زمينون ادارن کي ڏيڻ خلاف احتجاج، ترقي جي نالي تي قبضو ڪيو ويو آهي: زين شاهه

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج مظاهرا ڪيا ويا. ايس يو پي جي سڏ تي ڪراچي سميت حيدرآباد،  ڄامشورو، نوابشاھه، سڪرنڊ، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو،  عمرڪوٽ، سيوهڻ، دادو، شڪارپور، ٺل، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سکر، گهوٽڪي، ڏهرڪي، راڻيپور، مورو، ٺارو شاھه، نوشھروفيروز، بدين، سجاول، ڪوٽڙي، مانجهند، سن، ڀان سيد آباد، شھدادڪوٽ،گاجي کھاوڙ، نصير آباد، مٺي، نئون ڪوٽ، ٽنڊو آدم، ڊورونارو، پٿورو، راجا رستي، غلام نبي شاھه، خيرپور ناٿن شاھه، سيٺارجا، فيض گنج، جوهي، تنگواڻي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ملڪ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا،  جيڪب آباد ۾ مقبول احمد لاشاري، فدا لکڻ ۽ عبدالحميد سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سکر ۾ منير حيدر شاھه، جڳديش آھوجا، عيدن جاگيراڻي، بشير احمد لنڊ، عمران سامٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو. ڄامشورو ۾ پير بخش سهارڻ، آصف ڀلائي، محمد قمبراڻي، شاهنواز برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، بدين ۾ ايس يو پي پاران سيد حيدر علي شاھه، دانش نور، جاني ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو. ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي ليڊيز ونگ  طرفان احتجاجي مظاھرو عورتن ۽ ٻارڙن جي شرڪت ڪئي، ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ياسمين ٿيٻو، پرھ محسن، نازيا سولنگي ۽ ٻين مظاهري جي اڳواڻي ڪئي. ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران لغاري، جمن ملاح، فريد خواجه، منور سومرو ۽ ٻين جي احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي آفيس کان دلمراد ڏاھاڻي،ظريت بجاراڻي،ڇوٽو جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. سيوهڻ ۾ ڪارڪنن محمد نواز رند، مريد خان بروھي، علي اصغر سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهر ڪيو. ميرپورماٿيلو ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي اڪرم علي ميتلو جي اڳواڻي ۾ ميرپور ماٿيلو ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي. شھداد ڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن حمل خشڪ، رميز تونيو، الھداد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڌرڻو هنيو. نواب شاھه ۾ زين ڀٽو، گل حسن رند، مجيب ماڇي، فقير مصطفيٰ ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ روڊ کان ريلي ڪڍي وئي.  سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ايس يو پي سن جي صدر عبدالستار سومرو، انور مڱڻهار، عنايت الله شاهاڻي، امام الدين ڇڇر جي اڳواڻي ۾ پارٽي جا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪمپنين ذريعي قبضي خلاف اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ ايس يو پي پاران مهر علي وسطڙو، خادم سيال، جنيد وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ڪراچي ۾ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين کي هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، احتجاجي پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل  هئا، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته گرين پاڪستان جي نالي سان هڪ منصوبو ظاهر ڪيو ويو آھي، جيڪو ملڪ لاءِ زهر آهي، اسان سون جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل زهر ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي سنڌ صوبي جا اختيار ختم ڪري وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن. احتجاجي مظاهري کي ايس يو پي مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ امير آزاد پنھور،منير احمد نائچ، سيد غلام شاھ،جلال شاهه بخاري، خدا ڏنو شاهه، منير مگسي، خادم ٻرڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ جو  پراجيڪٽ رد ڪندي چيو آهي ته پ پ سنڌ تان هٿ کڻي وئي آهي پر اسان نه کڻنداسين. سيد زين شاهه چيو ته ان پراجيڪٽ سان سنڌ جي ساڍا 13 لک ۽  پاڪستان جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪجهه پرائيوٽ بزنس مين ۽ ڪجهه پرائيويٽ ادارن کي ڏني پئي وڃي جيڪي عوام جي مفاد ۾ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن  توهان ٻاهرين ملڪن کي زمينون 30 سال ليز تي ڏئي ڇڏيندئو ته ڌرتي جي مالڪي، زراعت جي مالڪي ختم ٿيڻ سان گڏ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو پريشان ٿيندا ۽ ڏنل زمين لاءِ پاڻي موجوده سسٽم مان ويندو ۽ موجوده سسٽم غير آباد ٿي ويندو. ڪجهه ايسٽ انڊيا جهڙين ٻاهرين ڪمپنين جي دلچپسي اسان کي غلامي ۽ محرومي ڏيندي. سيد زين شاهه چيو ته اهو منصوبو ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناهي، اسلام آباد ۾ ويهي اهو چئي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي پر ان جي  نتيجي ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم لاءِ عام راءِ جوڙي، حڪمرانن کي خبردار ڪريون ٿا ته اهڙا منصوبا نه آندا وڃن جيڪي ملڪ جي عوام جي خلاف هجن، ڪارپوريٽ فارمنگ عوام سان فراڊ آهي، اسان جي خودمختياري کي رد نه ڪيو وڃي، اڄ اوهان پنهنجي غلط فيصلي تي ضد نه ڪريو ملڪ جي ماڻھن کي نقصان ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا،سيد زين شاھه چيو ته اسان  مطالبو  ڪريون ٿا ته ان منصوبي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.