حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي ڳوٺ ٻڍو پالاري مان ٽيوشن پڙهائيندڙ ماسترياڻي پاران اغوا ڪيل ٽن ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس 13 ڊسمبر تي اغوا ڪيل 7ورھين جي علشبا، 4 ورھين جي بشرا ڌيءُ امام الدين عالماڻي ۽ 5 ورھين جي حسنين پٽ نظام الدين کي واڻڪي وسي حيدرآباد مان بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٽئي ٻارڙا ڪراچي مان بازياب ڪرايا ويا آھن، پر پوليس انھن ٻارڙن جي بازيابي وارو ھنڌ واڻڪي وسي حيدرآباد ڄاڻائي رھي آھي. اي ايس پي رانا دلاور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ 13 ڊسمبر تي ڳوٺ ٻڍو بالاري ۾ ٽيوشن پڙهائيندڙ ٽيچر زينب عرف زارا چانڊيو جيڪا واڻڪي وسي ويجھو ڳوٺ راول چانڊيو جي رھواسڻ آھي، ڄاڻايل ٻارن کي اغوا ڪيو، اغوا واري واقعي جو ماسٽر مائينڊ ڊاڪٽر ظھير عباس پٽ عالم خان لغاري آھي، جڏھن تھ ٻين جوابدارن ۽ سھولتڪارن ۾ زھرا سائڻ زال عالم خان لغاري، نادر علي پٽ جيون لغاري ۽ ٻيا شامل آھن، جن خلاف فريادي امام الدين پٽ سعيد خان نسيم نگر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ھو، جوابدارن کي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪري اغوا ڪيل ٽئي ٻارڙا بازياب ڪرايا ويا آھن، پوليس موجب ملوث جوابدارن اغوا ڪيل ٻارن کي نشي آور دوا پياري، جنھن سبب ٻارڙا اڃا تائين بيهوشي واري ڪيفيت ۾ آھن. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آھي اغوا ڪيل ٻارڙا ڪراچي جي علائقي گلشن حديد مان جمعي جي ڏينھن بازياب ٿيا، بازيابي ۾ حيدرآباد جي اھم سياسي شخصيت جو ڪردار آھي.