لاهور (عوامي آواز نيوز) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو مطلب چونڊن جو چنڊ نظر اچڻ برابر آهي، صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چونڊ شيڊول اچڻ بعد سڀني کي پڪ ٿي وئي ته چونڊون 8 فيبروي تي ٿي رهيون آهن پر نگران گهرو وزير جي استعيفا اچڻ ۽ بلوچستان مان راندين واري نوجوان وزير جمال رئيساڻي جي استعيفا جو مطلب آهي ته هاڻي چونڊن بابت ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي، ڇو ته اطلاع آهن ته جمال رئيساڻي ته پ پ ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو باقي سرفراز بگٽي اڃا باضابطا فيصلو نه ڪيو آهي ته ڪهڙي پارٽي ۾ ويندو، گهڻا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته هو نوازشريف سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شامل ٿيندو ۽ ن ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو، سرفراز بگٽي جا پيپلزپارٽي سان به بهتر لاڳاپا آهن ان ڪري حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيندو.