چنگيز خان جي قبر هيل تائين ڳجهارت بڻيل

چنگيز خان منگولن کي پاڻ سان گڏائي دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنت قائم ڪئي هئي.
پر 1227ع ۾ موت کان پوءِ به 8 صدين کان چنگيز خان قديم آثارن جي ماهرن لاءِ هڪ ڳجهارت آهي ڇو اڄ تائين ان ڪٿي دفن آهي دريافت ناهي ٿي سگھيو.
جي ها واقعي لڳ ڀڳ 800 سالن کان چنگيز خان جي دفنائڻ وارو هنڌ راز بڻيل آهي، ان کي ڳولڻ لاءِ مهم جوئن، قديم آثارن جي ماهرن ۽ چورن اڻڳڻيون ڪوششون ڪيون آهن.
ائين لڳي ٿو ته مسقبل ۾ ويجهو ان ۾ ڪابيابي ممڪن ناهي، خاص طور تي منگوليا ۾ ڪجهه حلقا ته اهو ئي چاهين پيا.
گھڻيون ڪوششون اتر منگوليا جي هڪ علائقي يا پهاڙبورخان خالدون ۾ ٿيون جنهن کي چنگيز خان جي ڄم جو هنڌ به تصور ڪيو ويندو آهي.
ائين چيو ويندو آهي ته منگول سلطنت جي باني پنهنجي آخري ڏينهن انهيءَ هنڌ گذاريا پر هيل تائين اتي سندس قبر جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون آهن.
ائين چيو ويندو آهي ته موت جي وقت چنگيز خان هدايت ڪئي ئي ته تدفين جو هنڌ راز رکيو وڃي ۽ جن سپاهين لاش کي اتي پهچايو، انهن کي قتل ڪيو ويو ته جيئن اهو رستو ڪنهن کي خبر نه پئجي سگھي.
اهو به چيو يندو آهي ته چنگيز خان کي دفن ڪرڻ کان پوءِ قبر تي هڪ هزار گھوڙن کي ڊوڙايو ويو ته جيئن ڪنهن قسم جي جو آثار نه رهي.
چنگيز خان جو پُراسرار موت
رڳو دفن ڪرڻ وارو هنڌ ئي نه پر منگول سلطنت جي باني جو موت به پراسرار آهي.
هيل تائين اهو طئي ناهي ٿي سگھيو ته چنگيز خان جي موت جو سبب ڇا هو.
ڪجهه تحقيقن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته طاعون چنگيز خان جي موت جو سبب بڻيو.
پر ان کان به هٽي ڪري ڪيترائي سبب ان دور جي ماڻهن طرفان بيان ڪيا ويا، ڪهاڻي ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته چين جي هڪ قبيلي سان واسطو رکندڙ شهزادي چنگيز خان تي خنجر سان وار ڪيا ۽ رت وهڻ سبب منگلو سلطنت جو باني لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪجهه ماڻهن موجب گھوڙي تان ڪرڻٻ سبب ٿيندڙ زخم چنگيز خان لاءِ موتمار ثابت ٿيا.
چنگيز خان جي مقبري جي ڳولا
2014ع ۾ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهڙو ڪو به تاريخي يا قديم آثارن بابت رڪارڊ موجود ناهي نهن ۾ سندس قبر بابت ڪجهه ٻڌايو ويو هجي.
انهن محققن ان جي ڳولا لاءِ سيٽلائٽ جي مدد به ورتي پر کين ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي.
هڪ قديم منگولين دستاويز دي سيڪرٽ هسٽري آف دي منگولز (اهو دستاويز 1240ع) جو آهي ۾ به ان بابت ذڪر ناهي، بس اهو ٻڌايو ويو ته 1227ع ۾ چنگيز خان لاڏاڻو ڪري ويو.
پر ان ۾ بورخان خالدون لاءِچنگيز خان جي عقيدتجو گھڻو ذڪر ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪري اُتي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون.
هڪ تاريخدان فرينڪ ميڪ لين 2015ع ۾ پنهنجي ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته موت جي وقت چنگيز خان جي فوج اتر اولهه چين ۾ هڪ قبيلي Tanguts سان مقابلو ڪري رهي هئي.
ته اتي چنگيز خان جي لاڏاڻي کان پوءِ لاش کي منگوليا واپس کڻي وڃڻ گھڻو ڏکيو هو ڇو جو اهو 311 ميل پري هو.
منگول ان وقت کي محفوظ ڪرڻ جا طريقا نه ڄاڻيندا هئا ۽ هنن چين جي Ordos خطي ۾ ڪٿي چنگيز خان کي دفنايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.