جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ، ارجنٽينا شڪست ڏئي پاڪستان کي اٺين پوزيشن تي ڌڪي ڇڏيو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ جاري جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ جي ستين ۽ اٺين پوزيشن لاءِ ميچ ۾ ارجنٽينا پاڪستان کي 3-6 تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ارجنٽينا طرفان راند جي ڇهين منٽ ۾ ٿامس پينلٽي ڪارنر ذريعي گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري، جنهن کانپوءِ 12هين منٽ ۾ ارباز احمد پينلٽي ڪارنر ذريعي گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.
21هين منٽ ۾ ارجنٽينا جي ٿامس پينلٽي ڪارنر ذريعي ٻيو گول ڪيو، پاڪستان جي ارباز احمد پينلٽي اسٽروڪ تان گول ڪري مقابلو وري برابر ڪري ڇڏيو.
راند جي ٻئي هاف جي 39هين منٽ ۾ ارجنٽينا جي روميرو فيلڊ گول، جڏهن ته باٽيسٽا 44هين منٽ ۾ گول ڪري ارجنٽينا کي 2-4 جي سرسي ڏياري ڇڏي.
پاڪستان طرفان 49هين منٽ ۾ ارباز احمد پينلٽي اسٽروڪ ذريعي هيٽ ٽرڪ ڪندي ٽيون گول ڪيو، پوءِ ارجنٽينا طرفان 50هين منٽ ۾ اگناشيو ۽ 56هين منٽ ۾ جيوان گول ڪري ٽيم کي 3-6 تان فتح ڏياري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.