شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي، پ پ وڏو سرپرائز ڏيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ 27 ڊسمبر کان باضابطا طور چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ شرجيل ميمڻ، شيري رحمان، شازيا مري، ناصر شاهه ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پنهنجي چونڊ مهم 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي ڳڙهي خدا بخش کان شروع ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري چئني صوبن ۾ چونڊ مهم جي قيادت ڪندو.
هنن چيو ته اسان جي جماعت عوامي رابطا مهم اڳ ئي شروع ڪري ڇڏي هئي، پارٽي چيئرمين اجلاس گهرائي ملڪي صورتحال جو جائزو ورتو، عام چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، پ پ اقتدار ۾ اچي سڄي ملڪ کي ترقي ڏياريندي.
پ پ اڳواڻن چيو ته پارٽي جو چونڊ منشور تيار آهي، جلد اعلان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ اهم هائبرڊ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ جي شيڊيول ۽ چونڊ مهم بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پ پ جي عورتن جي شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، يوسف رضا گيلاني، مراد علي شاهه، منظور وساڻ، خورشيد شاهه، شيري رحمان، شازيا مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، نثار کهڙي، مخدوم احمد محمود، محمد علي شاهه باچا، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.