مڇي ڦڦڙن جي صحت لاءِ گھڻي فائديمند قرار

ميريلينڊ آمريڪا (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته مڇي ۽ ان جي تيل ۾ موجود اوميگا 3 فيٽي ايسڊز ڦڦڙن جي صحت لاءِ انتهائي فائديمند آهن.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي سهڪار سان ڪيل هڪ مطالعي ۾ ٻڌايو ويو ته مڇين مان حاصل ٿيندڙ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جي ڦڦڙن تي پوندڙ هاڪاري اثرن جون مضبوط ترين شاهديون مليون آهن.
مطالعي جي ليکڪ ڊاڪٽر پيٽريسيا اي ڪيسانو ٻڌايو ته اسان ڪينسر ۽ دل جي مرضن ۾ غذا جي ڪردار بابت گھڻو ڪجهه ڄاڻون ٿا پر ڦڦرن جي پراڻي بيماري ۾ خوراڪ جي ڪردار کي ڪنهن حد تائين گھٽ سمجهيو ويو آهي.
هن چيو ته اهو مطالعو ان ڳالهه جي شادين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو ته اوميگا 3 فيٽي ايسڊز جيڪي صحتمند خوراڪ جو حصو آهن، ڦڦڙن جي صحت لاءِ به اهم آهن.
نيشنل هارٽ، لنگ ايند بلڊ انسٽيٽيوٽ جي رڳن جي نظام جي مرضن بابت ڊويزن جي ڊائريڪٽر جيمز پي ڪيلي ڊاڪٽر پيٽريسيا جي ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته آبادي تي ٻڌل ان وڏي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتن وارا غذائي جُز ڦڦڙن جي صحت کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿا ۽ اوميگا 3 فيٽي ايسڊز اينٽي سوڄ جي خاصيتن وارو غذائي جُز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.