خوشبودار صابڻ جو استعمال مڇرن کي اوهان جي ويجهو آڻي ٿو 

ورجينيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان خوشبودار صابڻ سان گھڻي گج ٺاهي هٿ منهن ڌوئيندا آهيو ته ان جو امڪان آهي ته مڇر اوهان ڏي راغب ٿيندا ۽ ويجهو اچي اوهان کي چَڪَ به هڻي سگھن ٿا.

ان جو سبب اهو آهي جو صابڻ جا ڪيميائي جُزَ خوشبو رکن ٿا ۽ اهي انهيءَ خوشبو جي ڪري مڇر اوهان جي ويجهو اچي اوهان کي نشانو بڻائيندا آهن.

هڪ تحقيق موجب گُلن جي خوشبو واري صابڻ سان ونهنجڻ يا منهن ڌوئڻ تي اوهان جو وجود مڇرن جي آڏو نمايان ٿي وڃي ٿو. ان ڏس ۾ چئن مشهور برانڊز جي صابڻن کي آزمايو ويو آهي.

ورجينيا پولي ٽيڪنڪ يونيورسٽي ۽ اسٽيٽ يونيورسٽي جي ماهرن موجب جڏهن مڇرن کي رت ناهي ملندو ته اُهي گُلن جي رس چوسي پنهنجي غذائي کوٽ پوري ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ميون ۽ گُلن جي بوءِ وارا صابڻ ڄڻ مڇرن کي احساس ڏياريندا آهن ته هتي ميوو  يا گُل موجود آهي. اهڙيءَ طرح اوهان انهن کي پاڻ طرف ڇڪيندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.