پشاور ۾ افغاني ڪهڙو ڪاروبار ڪندا آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي مشهور افغان ڪاروباري شخصيتن جي غير رجسٽرڊ ڪاروبار جا تفصيل سامهون اچي ويا.
دستاويز موجب ڪاروبار ڪندڙ ڪيترن ئي افغان شهرين وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ آهن، جڏهن ته خطي ۾ غير رجسٽرڊ 56 افغان شهري وڏي ڪاروبار سان جڙيل آهن.
سرڪاري دستاويز موجب 22 افغان ڪاروباري شخصيتن پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا، 31 افغان ڪاروباري شخصيتون غير رجسٽرڊ ڪاروبار سان جڙيل آهن، جڏهن ته 31 افغاني پاڪستاني شهرين جي نالي سان ڪاروبار ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پشاور ريجن ۾ غير رجسٽرڊ افغان واپاري ڪاسميٽڪس، قالين جي ڪاروبار سان جڙيل آهن، اهي جوس جا دڪان، ڪتابن جا دڪان، هوٽل هلائڻ سان گڏ پراپرٽي جو ڪم به ڪري رهيا آهن.
پشاور ۾ رهندڙ غير قانوني افغاني ملڪ جي ٻين شهرن کانسواءِ دبئي ۾ به ڪاروبار ڪندا آهن، غير رجسٽرڊ افغان واپارين مشهور برانڊ جون ڪمپنيون پاڪستاني واپارين جي نالي تي ورتيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.