سنڌ ۾ ٿيندڙ نيون سياسي صف بنديون

علي رضا نوناري

سنڌ سميت ملڪ اندر اليڪشن ڪميشن پاران 8 فيبروري تي ڪيل اليڪشن جي اعلان کانپوءِ سياسي صف بندين جو سلسلو وڏي تيزي سان شروع ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ نواز شريف پاران سنڌ اندر بشير ميمڻ کي ميدان تي لاٿو ويو آهي جيڪو سنڌ جي سياست ۾ تبديلي لاءِ پير پاڳاري سان بار بار ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ان ملاقاتن کانسواءِ هو شريف برادران پاران موڪليل آڇون پڻ سنڌ جي سياسي توڙي غير سرڪاري ڀوتارن تائين پهچائي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو صرف سردار تيغو خان تيغاڻي ۽ رائو انوار کي ن ليگ ۾ شامل ڪرائي سگهيو آهي جن جي ڪارڪردگي ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي.!

جڏھن ته جي ڊي اي سربراھ پير پاڳارو پڻ سنڌ جي سياسي ماڻهن کي پنھنجي پليٽ فارم تي گڏائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن کي به سنڌ جي سياستدانن پاران ڪا خاص موٽ نه ملي رهي آهي. پاڳاري جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين صرف لياقت علي جتوئي جي ڊي اي ۾ شامل ٿي سگهيو آهي جيڪو به پ پ پ پاران بار بار ٺُڪرايل آهي. هوڏانهن وري آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ کي سوڀ ڏيارڻ لاءِ پنجاب ۾ هٿ پير هڻي رهيا آهن. مطلب ته ووٽ ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ هر هڪ وڏو وس ڪيو آهي. هوڏانهن آهي بلوچستان جنهن جي سياسي صورتحال وري ڪجهھ نرالي انداز واري آهي جنهن لاءِ سڀ چون پيا اهو صوبو ته پنهنجو صوبو آهي. جتي اسلم رئيساڻي، ڄام ڪمال، سردار اختر مينگل، قدوس بزنجو، شاھ زين بگٽي،سڪندر عمراڻي، مير نعمت خان زهري سميت بلوچ سردار آهن ان صوبي جي دعوا ڪجهھ سمجهھ کان مٿي آهي. پر هڪ سچ اهو به آهي ته اتان جا سردار پڻ پنهنجي سياسي سلطنتن کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن سان به ٺاھ ڪندا آهن. انهن جي سياسي جوڙ توڙ جو محور اتان جا ماڻھو نه ڪي پنهنجون سياسي سلطنتون هونديون آهن.

اهڙي طرح سان هن وقت سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياست جا گهڻي ڀاڱي نالا اهڙا آهن جيڪي چونڊن جي وقت ۾ پنهنجي ويجهن دوست سان به مشورو نه ڪندا آهن. جيئن پ پ جو وزير رهندڙ عرفان گل مگسي جي ڀيڻ راحيلا گل مگسي ن ليگ ۾ شامل ٿي پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي هڪ فوٽو سيشن ذريعي آگاهي ڏئي ڇڏي ته بابا اسان کي هاڻي اها سياست ڪرڻي آهي ڇو ته ٻين پارٽين ۾ رهي اسين اوهان جي خدمت نه ڪري سگهنداسين. پر ان جي فوٽو سيشن واري فيصلي کي ڇڏي اتان جي ماڻھن کي عرفان گل مگسي ڏانھن به ڏسڻو پوندو ان سان گڏ سندن پنھنجي حالت به ڏسڻي پوندي. باقي تڪ جي وڏن ماڻھن جا فيصلا سندن سامهون واضح آهن.

اهو ڏس سنڌ جي ماڻھن لاءِ به آهي ته اوھان سنڌ واسين اڳيان سدائين عرض رکندا آهيون ته ڪڏهن به ووٽ جي سياست تي مٽ، مائٽ يا دوست نه وڃايو نه ئي پنهنجا سماجي واسطا يا تعلق خراب ڪيو. ڇو ته سياست ۾ ڪير به ڪنهن جو نه مستقل مخالف هوندو آهي ۽ نه ئي سدائين ڪو ڪنهن سان گڏ هوندو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجا سياسي مفاد وڌيڪ عزيز هوندا آهن ڪالهه  جيڪي مخالف هئا ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اهي گڏ هجن. جيڪي ڪالهه  گڏ هئا ٿي سگهي ٿو سڀاڻي اهي هڪ ٻئي جا سخت مخالف هجن جن جي ڪري هتي عام ماڻهو هرو ڀرو وڙهي چٽ ٿي ويندا آهي وڙهي هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙهي ٿاڻن ۽ عدالتن جا منهن ڏسندا آهن ساڳئي وقت ۾ سياستدان هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن اهي ئي گڏجي ڪم ڪرڻ جا وچن به ڪندا آهن ايترو ئي نه پر اهي ئي شادين، غمين، خوشين ۾ ٻٽ هوندا آهن ۽ وري انهن جي ابتڙ اسانجو عام ماڻهو سالن تائين اليڪشن جي ڪري هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ پسند ناهي ڪندو جيڪو نقصان انهن ماڻهن جو ته آهي ئي آهي پر ان کان وڏو نقصان هن سماج جو ٿيندو آهي جنهن کي شايد اهي ماڻهو پرکي نه پيا سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.