نواز، بلاول ۽ عمران جو مستقبل

رفيق پٽيل

پاڪستان جي سياسي جائزي ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن جي بيانن مان محسوس ٿئي ٿو تھ ملڪ جو سمورو انتظام نوازشريف کي سونپيو ويو آھي،ھو ملڪ جو باقاعدھ وزيراعظم بڻجي ويندو،ن ليگ کليل نموني اھو اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ انھن جي مٿي ڳالھه ٿي چڪي آھي،جنھن مان واضح ٿئي ٿو تھ پردي جي پويان ڪجھه  معاملا طئي ٿي چڪا آھن.

حالتون ۽ واقعا بھ ان ڳالھھ جي شاھدي ڏئي رھيا آھن تھ ھن جي برطانيا مان واپسي وقت پاڪستاني سفير سان الوداعي ملاقات ۽ گفتگو،ملڪ جي انتظامي مشينري جي پاران ھن جو استقبال،ھن جي لاءِ سرڪاري مشينر جي ذريعي جلسن جو انتظام اھو ئي ظاھر ڪري ٿو تھ بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان ھن جا معاملا طئي ڪرايا ويا آھن.جي ڊي اي بھ سنڌ ۾ ھن سان ھوندي، جميعت علماءِ اسلام ھن جي ساٿ ۾ سلھاڙيل آھي،اھو نٿو ٿي سگھي تھ ھن مختصر مدي جو ڪو سمجھوتو ڪيو ھجي، يقيني طور تي ھي سمجھوتو ڊگھي مدي جي لاءِ ھوندو.

کيس چڱي ريت معلوم آھي تھ ھو اھو سڀ ڪجھه  پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ڪري رھيو آھي.ھن جي صاحبزادي مريم نوازسياسي طور تي سرگرم آھي.ھن جي لاءِ رستو صاف ڪرڻ جي لاءِ سھڪار ڪري رھي آھي،مريم نواز کي سندس جانشين تصور ڪيو وڃي ٿو.مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن صفدر بھ فيصلي سازي ۾ اھم حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي،چيو پيو وڃي تھ ٻن سالن بعد مريم نواز ملڪ جي ايندڙ وزيراعظم ھوندي،نواشريف جو ننڍو ڀاءُ شھبازشريف پنھنجي سيني تي اڳوڻي وزيراعظم جو تمغو سجائي چڪو آھي،شھبازشريف جو صاحبزادو حمزاشھباز بھ اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب جو درجو حاصل ڪري چڪو آھي،نوازشريف جو ھڪ ٻيو ويجھو مائٽ اسحاق ڊار، جيڪو شھباز حڪومت ۾ ناڻي جو وزير ھو، ھن جي ٽيم جو حصو آھي،ٻيا مٽ مائٽ بھ پردي جي پويان ڪردار ادا ڪري رھيا آھن،جيڪو معمول جو حصو آھي. نوازشريف کي اندازو آھي تھ جلسا جلوس نھ بھ ڪري تھ بھ ھن جي لاءِ ميدان صاف آھي.اڄ ڪلھه ھو ان مقصد جي لاءِ سرگرم آھي تھ جن ٻين جماعتن سان گڏجي حڪومت جوڙڻي آھي.انھن جي سيٽن جو فيصلو ڪرڻو آھي يعني ايم ڪيو ايم جو ڪيتريون سيٽون،بلوچستان عوامي پارٽي جون ڪيتريون سيٽون،جي يو آءِ جون ڪيتريون سيٽون وغيرھ وغيرھ.،ھن جي انتظامن جو اندازو بلاو ل ڀٽو لڳائي ورتو ھو، ان ڪري ھو ان کي نئون سليڪٽيڊ چوڻ لڳو ھو پر مفاھمت جي بادشاھ آصف علي زرداري کيس خاموش ڪرائي ڇڏيو ۽ چيو تھ بلاول اڃان تربيت حاصل ڪري رھيو آھي،آصف زرداري جي ان بيان جي ڪري بلاول جي ساک تي منفي اثر مرتب ٿيا،پر ھاڻي آصف علي زرداري به لاڏلي جو لفظ استعمال ڪري دٻاءِ وجھي رھيو آھي تھ کيس بھ اقتدار ۾ وڏو حصو ڏنو وڃي تھ جيئن ھنن جو جوڙيل سسٽم وڌيڪ مضبوط ٿئي.

آصف زرداري شريفن جي اڻيل ڄار ۾ ڦاسي چڪو آھي،ھو جيڪڏھن شھبازشريف جي جاءِ تي پاڻ وزيراعظم بڻجي وڃي ھا يا پ پ جي ڪنھن اڳواڻ کي وزيراعظم بڻائي ھا تھ شايد ھن جي مفاھمتي فارمولي جي ذريعي پاڪستان کي شھباز حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجود خوفناڪ بحران ۽تباھي کان بچائي سگھجي ھا، امڪاني طور تي پيپلزپارٽي صحت ڪارڊ سان ملندڙ جلندڙ اسڪيم آڻي ھا، احساس پروگرام جي ذريعي شفاف انداز ۾ باعزت طور تي غريبن ۾ رقم ورھائي ھا.لنگرکانا ۽ مفت رھائشگاھن جو انتظام ڪري ھا، بيروزگارن جي ذريعي قرض ۽ تربيت جي اسيڪم جاري رکي ھا،مھانگائي تي قابو رکي ھا،بجلي جي قيمت جي مسئلي جو حل ڳولي وڃي ھا،ڊالر جي قيمت ٻھ سئو جي ويجھو رکي ھا،معيشت کي هٿي ڏئي ھا،صنعت ۽ ڪاروبار جي ڦيٿي کي تيز ڪري گھمائي ھا،پر ان وقت شھبازشريف جي حڪومت سمورن بھترين رٿائن کي روڪي ڇڏيو ۽ پيپلزپارٽي  کي معاشي معاملن کان پري رکيو،جنھن جي شڪايت خود آصف علي زرداري ڪئي تھ اسان کي معاشي معاملن کان پري ڪيو ويو ھو.

ھن وقت ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ نوازشريف،بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان جي مخالفت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي،عام طور تي خود انھن جي پنھنجي جماعتن جو ووٽر بھ ھنن جي اتحاد سان خوش نھ آھي،سڀني کي معلوم آھي تھ ايندڙ وقت ۾ نوازشريف جي ڌيءَ جي قدم ڄمائڻ جي لاءِ سنڌ کي پ پ پ جو قلعو بڻجڻ نھ ڏنو ويندو.انھن ٽنھي جماعتن جي عوام ۾ وڌندڙ مخالفت جو ھڪ سبب پي ٽي آءِ ،جي خلاف جاري آپريشن بھ آھي،پي ٽي آءِ ،مظلوميت جي اھڙي علامت بڻجي وئي آھي،جنھن سان حڪمرانن جي خلاف نفرت جو طوفان وڌي رھيو آھي.

خطرو آھي تھ تحريڪ انصاف جا ھٿ پير ٻڌي چونڊ جي نتيجن ۾ ايندڙ حڪومت جي خلاف عوام جي ڪاوڙ وڌندي ويندي،عمران خان ۽سندس گھرواريءَ تي جيڪي ڪيس قائم ڪيا ويا آھن،ان ۾ عمران کي موت ۽ بشريٰ بي بي کي حدود آرڊيننس جي سزا ڏئي سگھجي ٿي.مستقبل ۾ باربار ان جا اثر سامھون ايندا.پي ٽي آءِ، جي حڪومت جي خاتمي بعد عدم استحڪام وڌندو پيو وڃي،عوامي امنگن ۽ خواھشن جي خلاف جبري طور تي مڙھيل حڪومت مان استحڪام جي توقع رکڻ عقل ۽ سمجھ جي نفي آھي.ايندڙ ڪجھه  ڏينھن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي ووٽرز جو ڪجھه ھ حصو بھ پنھنجي جماعتن کان ناراض ٿيندي نظرا چي رھيو آھي،حڪمران طبقي جنھن طرح جون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن.ان ۾ عدليھ،انتظاميھ،اليڪشن ڪميشن۽ ميڊيا جي ساک ختم ٿي رھي آھي.بازارن،گھٽين محلن مان صحافين جي مختلف رپورٽن مان ھر طرف فڪسڊ ميچ،جانبداري،ناانصافي ۽ جبر جو تاثر عام ٿي رھيو آھي.ان تاثر سان قائم ٿيل حڪومت نھ ئي استحڪام آڻي سگھندي نھ ئي وري ملڪي معيشت ھلائي سگھندي،بلڪھ پنھنجي اقتدار جي ڊيگھھ جي لاءِ وڌيڪ آمراڻو رويو اختيار ڪندي،ملڪ جمھوريت کان پري ٿي ويندو.سمورن ادارن سان گڏ مقننھ جي ساک بھ متاثر ٿيندي.

ھن وقت جي چونڊن جو عمل اھڙي گدري جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي.جو اھو چاقو تي ڪرند يا چاقو گدري تي ڪري نقصان ھر صورت گدري جو ئي ٿيڻو آھي.ان ڪري ھن عمل جي ساک جي بحالي ضروري آھي.جمھوريت جو سڀني کان اھم جز منصفاڻيون چونڊون آھن.جنھن جي ذريعي عوامي نمائندون تي ٻڌل حڪومت قائم ٿيندي آھي.بدقسمتي سان پاڪستان ۾جنرل ايوب ۽ جنرل يحيٰ جي مارشل لا جي ذريعي عوامي ليگ کي اقتدار نھ ڏيڻ جي ڪري پاڪستان ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو،اوڀرپاڪستان جي بنگلاديش بڻجي وڃڻ بعد جمھوريت مڪمل طورتي بحال نھ ٿي سگھي.

جمھوريت جو مقصد عوامي راءِ سان چونڊيل نمائندن تي ٻڌل حڪومت جوڙڻ آھي. پر عوامي راءِ جي وڏي حصي کي ٻاھر رکي ڪري اقليتي  حڪومت جو قيام ھڪ لحاظ سان جمھوريت جي نفي آھي.اڳوڻي صدر جنرل پرويزمشرف بھ چيو ھو تھ جلد ئي ھن بوتل تي جمھوريت جو ليبل لڳايو ويندو.ھن متحدھ مجلس عمل، ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي گڏ ڪيو ھو.اڄ اھو فارمولو نٿو ھلي سگھي.وقت بدلجي ويو آھي.حالتون مختلف آھن،عدليھ،ميڊيا،انتظاميھ جي غيرجانبداري ۽ عوامي خواھشن جي ترجمان مقننھ جي بنا سڀ ڪجھه  وکري سگھي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.