سپريم ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ان ڪيس جي حوالي ۾ وڌيڪ ڪارروائي کان روڪيندي اليڪشن 8 فيبروري تي ڪرائڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.

خميس واري ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن جو ”انتظامي آفيسرن“ کان چونڊون ڪرائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو. عام چونڊن دوران پنجاب جي بيوروڪريسي مان ريٽرننگ آفيسر ڀرتي ڪرڻ خلاف عمير نيازي جي درخواست تي عدالت ٻڌڻي ڪئي. جنھن بعد فيصلي ۾ چيو ويو  ته اليڪشن جي تنظيم ۾ قوم جا اربين رپيا استعمال ڪيا ويا، جيڪڏهن وڏيون سياسي پارٽيون چونڊ نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪنديون ته اهو سمورو پيسو ضايع ٿي ويندو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته زميني حقيقتن موجب درخواستگذار ڌر وٽ ليول پلئنگ فيلڊ نه آهي، آزاد راءِ رکندڙ ڪيترن ئي گروپن ليول پلينگ فيلڊ نه هجڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي، عدالت کي بينچ ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن لاءِ ضلعي رٽرننگ آفيسرن (ڊي آر اوز)، رٽرننگ آفيسرن (آر اوز) ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن (اي آر اوز) کي ڊپٽي ڪمشنرز مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.عدالت جي فيصلي  بعد اليڪشن ڪميشن ضلعي رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن جي ھلندڙ ٽريننگ کي روڪي ڇڏيو.

ھوڏانھن اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن طرفان اها ٽريننگ روڪي وئي آهي.ترجمان چيو ته عدالتي حڪم کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي اليڪشن ڪمشنرن کي هنگامي بنيادن تي خط به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، موجوده صورتحال لاءِ ذميوار اليڪشن ڪميشن کي نٿو چئي سگهجي. هڪ بيان ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا الزام عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي مقرر ڪيو ويو، سڄي ملڪ ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ پڻ شروع ڪئي وئي، اليڪشن شيڊول کان اڳ ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ ضروري ھوندي آهي، جيئن نامزدگي ڪاغذ جاري ۽ وصول ڪري سگهجن. جيئن شيڊول جو اعلان ڪيو  وڃي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته، پي ٽي آءِ، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي مقرري کي چيلينج ڪيو، ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي مقرري واري عمل جي معطلي کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪري لائحه عمل جلد طئي ڪيو ويندو.

ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان عدالت جي ٽياڪڙي سان ڪيو ويو ھو،جنھن موجب 8 فيبروري مقرر ڪئي وئي ھئي.ان بعد سست رفتاري سان ئي سھي پر تياريون جاري ھيون، جو ان دوران ڪن ڌرين جي خواھش جو اظھار بھ چونڊن ۾ دير ڪرائڻ جي حوالي سان ٿيندو رھيو ھو.جنھن ۾ جميعت علماءُ اسلام پاران اھا ڳالھھ بھ سامھون آئي ھئي تھ پھرين ملڪ جي معيشت بھتر ڪئي وڃي چونڊن بعد ۾ ٿين، جڏھن تھ ساڳي جماعت جو اھو بھ چوڻ ھو تھ فيبروري ۾ ڪي پي ڪي،جي ڪجھ علائقن ۾ برفباري جي ڪري ممڪن ھجي تھ چونڊن جي تاريخ کي اڳتي وڌايو وڃي.اھڙن بيانن بعد وري افواھ بھ گردش ڪندا رھيا ھئا جن ۾ اھو چيو پئي ويو تھ ڪي ڌريون چونڊن کي اڳتي ڪرڻ چاھين ٿيون.

ڀاڻ مافيا ستر سيڪڙو زرعي معشيت کي يرغمال بڻائي ڇڏيو

اھا مڃيل حقيقت آھي تھ سنڌ جي ستر سيڪڙو  آباديءَ جو دارومدار  زراعت  تي آھي. ٻئي پاسي وري بدقسمتيءِ سان زراعت جو شعبو بهتر ٿيڻ بجاءِ خراب  ٿيندو پيو وڃي.زراعت کاتي جي بدانتظامي ۽ غلط عمل توڻي بدعنواني جي ڪري ھاڻي شعبي سان گڏ سموري سنڌ جي زراعت تباھ ٿي وئي آھي.

زراعت ۽ آبپاشي کاتا سڌي ريت سنڌ جي عام ۽ ھاري ناري جھڙي مخلوق سان لاڳاپيل آھن، زراعت جي کاتي ۽ ان شعبي سان ڪم ڪندڙ جملي پروجيڪٽس ۽ ادارن کي سنڌ جي عام ماڻھون جو احساس ٿيڻ گھرجي ھا پر ٿئي ان جي ابتڙ ٿو.

سنڌ ۾ ھن وقت ڪڻڪ جي پوکي مڪمل ٿي رھي آھي،جنھن کي ڀاڻ جي گھڻي گھرج آھي. مارڪيٽ ۾ وري ھٿ سان زراعت سان سلھاڙيل حرفتين ڀاڻ جو ذخيرو ڪرائي ان جي کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي.ڀاڻ جي پيداوار جو 26 سيڪڙو حصو سنڌ جو قانوني حق آھي کوٽ  پيدا ڪري  بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي وئي آھي.

سڄي سنڌ ۾ متاثر ماڻھون احتجاج ڪري رھيا آھن،ان ھوندي ھن اھم معاملي جو حل نھ پيو ڳوليو وڃي.سنڌ جي زراعت واري پيشي سان همدردي رکندڙ حلقن ۽ آبارگارن زراعت کاتي جي ھن وقت جي عملن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.

ھڪ ڪرپٽ مافيا سنڌ جي ستر سيڪڙو کان بھ وڌيڪ  زرعي معيشت تي ڀاڙيندڙ آبادي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي. اختيارين کي ھن سلسلي ۾ تڪڙا قدم کڻندي ڪڻڪ جھڙي اھم فصل کي بچائڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.