پي ٽي آءِ چونڊن کان فراريت ڇو ٿي چاھي؟

ذلفي چاچڙ

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ موجوده وقت جھڙو ورجاءُ شايد ئي ڪڏھن ٿيو ھجي. اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف انھن حالتن مان گذري رھي آھي، جنھن مان ڪجھه  عرصو اڳ مسلم ليگ (نواز) گذري ھئي. جھڙي طرح جن ماڻھن جا ڪلھا استعمال ڪري عمران خان اقتدار حاصل ڪيو ھو، نواز شريف پڻ اھو ساڳيو رستو اختيار ڪري ورتو آھي. نواز ليگ جو گھيرو تنگ ڪرڻ کان  ويندي سندس نااھلي تائين، نواز ليگ پاران عسڪري ادارن خلاف سخت بيان جاري ڪيا، جنھن سبب ڄڻ ته نواز ليگ مٿان اڻ اعلانيل پابندي ھنئي وئي ھئي ۽ ان جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف وڌڻ لڳا، جنھن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪارڪنن کي ھيسائڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو، چوڌري نثار سميت ڪيئي نواز ليگ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پارٽي سرگرمين کان پاسيرا ٿيندا ويا ۽ ڪي پارٽي ڇڏي غير سياسي بڻجي ويا.

جڏھن ساڳيو ورتاءُ تحريڪ انصاف سان ڪيو ويو ته انھن جو ردِعمل 9 مئي جي سانحي جھڙو سامھون آيو. توڙي جو عمران خان ۽ نواز شريف جي سياسي بصيرت ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي، پر نواز شريف جو اسٽيبلشمينٽ ڏانھن جھڪاءُ اھو ظاھر ڪري ٿو ته پاڪستان جي سياست ۾ غير سياسي قوت جي مداخلت بدستور جاري آھي جيڪا شايد ڪڏھن به بند نه ٿئي ۽ انھن جي مرضي کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪجھه  به ڪرڻ سئولو ته ڇا پر ممڪن ئي ناھي. ياد رھي ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا چيو ھو ته ھاڻ ادارا غير جانبدار رھندا ۽ اسان سياسي معاملن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آھي.

نواز شريف جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ سان ٺاھ نه ڪري ھا ته شايد نواز ليگ پنجاب ۾ به حڪومت نه ٺاھي سگھي ھا، ۽ مرڪز ۾ ڪي نوان چھرا آندا وڃن ھا، جھڙي طرح ماضي ۾ عمران خان کي آندو ويو ھو، نواز شريف کي ھوڏ تان لاھڻ لاءِ استحڪام پاڪستان پارٽي ٺاھي وئي، جنھن کي سيڪنڊ پوزيشن تي رکيو ويو ھو.

نواز شريف کي اقتدار ڏيڻ ان لاءِ ضروري سمجھو ويو ته ان سان پنجاب جي عوام ۾ طاقتور اداري جي خلاف نفرت وڌي رھي ھئي، جنھن روڪڻ ضروري سمجھو ويو، ڇو ته پاڪستان ۾ رڳو پنجاب صوبو ئي بچيل ھو، جتي طاقتور ماڻھن جا ڳڻ ڳايا ويندا ھئا، جنھن جي شور ۾ ٽن صوبن جو آواز دٻجي ويندو ھو. لڳي ٿو ته ھن ملڪ ۾ ڪجھه  به تبديل ٿيڻ وارو ناھي، ڇوته تبديلي قرباني گھرندي آھي ۽ اھا قرباني ھتي ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار ناھي، بينظير ڀٽو صاحبه ھجي يا نواز شريف سياست ۾ غير سياسي مداخلت کي روڪڻ جي بدران انھن سان ڊيل ڪري انھن کي مداخلت کي قبول ڪري ڏيھ واپس اچي اقتدار جي مسند تي ويھندا رھيا.

نواز شريف جو اسٽيبلشمينٽ ڏانھن جھڪاءُ ظاھر ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊون محض خانه پوري ڪرڻ ۽ دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ  کان سواءِ ٻيو ڪجھه  به ناھي، جتي شھرين جي راءِ (ووٽ) کي ڪا به اھميت نه ڏني ويندي آھي، ھتي طاقتور ماڻھو جنھن کي چاھين  اقتدار جون واڳون ڏئي کانئن پنھنجا من پسند فيصلا  ڪرائيندا رھن ٿا، جنھن جو ھڪ چٽو مثال اسان 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڏسي چڪا آھيون، ۽ اھا ئي ڳالھه عمران خان پڻ سمجھي ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي پوزيشن ڇا ھوندي ۽ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا.   ان خوف کان ئي پي ٽي آءِ چونڊن کان فراريت جو دڳ ڳولي رھي آھي، جيڪا چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاھي ٿي. جنھن جي درخواست تي ھاءِ ڪورٽ لاھور چونڊ عملي جي تربيت  معطل ڪري ڇڏي هئي پر هاڻي سپريم ڪورٽ ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ٺاھ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رھيو آھي، اھو چاھي ٿو ته معاملا طئي ٿيڻ تائين ڪنھن طرح چونڊن کي روڪيو وڃي، ڇو ته هن اقتدار ۾ اچڻ وارو چور دروازو نه رڳو  ڏٺو آھي، پر ان مان ھڪ ڀيرو گذري به چڪو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.