¨ عام طور تي وقت گذرڻ سان يا ماضيءَ جي تجربن مان ڪجهه نه ڪجهه سکيو ئي ويندو آهي پر هن ملڪ جي سياسي حالتن کي ڏسجي ٿو ته اهي وقت گذرڻ يا ماضيءَ جي تجربن مان ڪجهه سکڻ بدران ويتر بد کان بدترين ٿينديون ٿيون وڃن.
¨ ملڪي تاريخ کي ڏسجي ته اُها هر دور ۾ غير جمهوري رهي آهي، انهن غير جمهوري پاليسين ڪري ملڪ ۽ عوام کي هر دور ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
¨ هتي ملڪ ۽ عوام جي مفاد بدران هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مفاد تحت ملڪ کي پئي هلايو آهي ۽ پئي تباهه ڪيو آهي.
¨ ملڪ کي بهتر نموني ڪيئن هلائجي، ان کي سنئين دڳ ڪيئن لائجي اهي سوال بظاهر جيڏا ڏکيا آهن ته انهن جا جواب وري اوترا سولا ۽ هڪ منٽ اندر ئي ملڻ وارا آهن.
¨ سولو جواب اهو آهي ته ملڪ کي بهتر نموني هلائڻ لاءِ ان پارليماينٽ کي ليڊرشپ ڏيڻ گهرجي جيڪا عوام جي چونڊيل نمائندن تي ٻڌل هوندي آهي جنهن جو ڪم عوام جي خواهشن پٽاندڙ آئين ۽ قانون ٺاهي ملڪ هلائڻ هوندو آهي تنهن کي ملڪ هلائڻ ڏنو وڃي پر هتي ”پارليامينٽ“ بدران ”اسٽيبلشمينٽ“ جي ڏنل پاليسين تحت ملڪ کي هلايو ويندو آهي. جنهن کان هاڻي ڪير به اڻ ڄاڻ ناهي رهيو.
¨ اسان وٽ جيئن پوليس، عدالت، ڪامورن، ۽ حڪومت جو معيار ڪري پيو آهي تيئن هاڻي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار به واضح طور تي ڪريل ۽ تڪراري بڻجي چڪو آهي.
¨ عام ماڻهن کي به پروڙ پئجي وئي آهي ته اسان جا ووٽ بس ڏيکاءُ لاءِ هوندا آهن ته ڏسو چونڊن ۾ ماڻهن حصو ورتو باقي حڪومت جي سليڪشن ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڪري ڇڏيندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته جو عام ماڻهن جي ووٽن ۾ دلچسپي گهٽ کان گهٽ ٿيندي وڃي ٿي ۽ چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ ريڪارڊ حد تائين گهٽجي ويو آهي.
¨ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جو عالم اهو آهي ته هاڻي ملڪ جي سڀني وڏين اقتداري جماعتن کي به صاف شاف چونڊن جي اميد ناهي رهي تنهنڪري هر پارٽي چونڊن لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
¨ عام تاثر هاڻي اهو آهي ته جيئن 2018ع وارين چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي لاڏلو بڻائي کٽرايو تيئن هاڻي نواز شريف کي لاڏلو بڻائي ايندڙ وزيراعظم بڻائڻ جو ماحول ٺاهيو پيو وڃي. ماضي ۾ اهي ڪم پردي پويان هئا پر هاڻي ظاهر ظهور طور ڏينهن ڏٺي جو اهي غير جمهوري ڪم ٿي رهيا آهن.
¨ بد کان بدترين حالتن جو عالم اهو آهي ته جيڪا به جماعت چونڊ کٽي ٿي تنهن کي ٻيون مدمقابل جماعتون تسليم ئي نٿيون ڪن، هاڻي سوال اهو آهي ته پوءِ هي سياسي نظام ڪيئن هلندو؟
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪي تاريخ ۾ هڪڙي 1970ع واري چونڊ کي ئي صاف شفاف قرار ڏنو ويندو آهي جنهن جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويو جنهن ڪارڻ اڳتي هلي ملڪ ئي ٻه اڌ ٿي ويو پر انهن غير جمهوري تجربن مان هاڻي به اسٽيبلشمينٽ جي سکڻ جا پري پري تائين جا ڪي امڪان نظر نٿا اچن.