ھندستان جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي مڌيا پرديش، راجسٿان ۽ ڇتيس ڳڙهه ۾ وڏن وزير جي عهدن لاءِ نوان چهرا سامھون آندا آھن.شيوراج سنگهه چوهان، وسنڌارا راجي ۽ رمن سنگهه جھڙن تجربيڪار اڳواڻن بدران، پارٽي موهن ياديو، ڀجن لال شرما ۽ وشنو ديو سائي کي وزيراعليٰ جا عھدا ڏنا آهن.مڌيه پرديش ۽ راجسٿان ۾ ٻه ڊپٽي چيف منسٽر بھ مقرر ڪيا ويا آهن.
مبصر ،ھاڻوڪين رياستي چونڊن کي سال 2024 جي عام اليڪشن جي لاءِ حڪمران جماعت جي وڏي حڪمت عملي طور ڏسي رهيا آهن.تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته بي جي پي ،جي ھاڻوڪي فيصلي ۾ ذات پات جي برابري برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي جيئن مخالف ڌر لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ذات پات کي هٿيار طور استعمال نه ڪري سگهي.اھم عھدن تي نون نالن جي سامهون اچڻ جو ھڪ مطلب، اٽل بهاري واجپائي ۽ لال ڪرشن اڏواڻي جي دور جي اڳواڻن جي دور جي خاتمي جو اشارو پڻ آهي. چونڊن کان اڳ ئي، ٽنھي اڳوڻن وڏي وزيرن کي اھو اشارو ڏنو ويو ھو تھ هاڻي نون چھرن کي ذميواري ڏني ويندي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪمران وڏن ليڊرن کي نظرانداز ڪري انهن جي جاءِ تي نوان چهرا کڻي اچي ڇا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ؟ مڌيا پرديش ۾ بي جي پي جي فتح ۾ او بي سي ڪميونٽي (پيٺل طبقي) جي ووٽرن جو اهم ڪردار آهي. هتي ڪانگريس هن حصي کي ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر 2018 جي مقابلي ۾، بي جي پي وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آھن.
ڇتيس ڳڙهه، راجسٿان ۽ مڌيا پرديش جي ٽنھي رياستن ۾، بي جي پي هن ڀيري مقامي آبادي ۽ قبائلي علائقن ماوڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آھن. پارٽي انهن رياستن ۾ ڪل 101 سيٽن مان 56 سيڪڙو کٽي وئي آھي. ڇتيس ڳڙهه ۾ جتي 2018 ۾، بي جي پي صرف ٽي سيٽون کٽيون، اتان 17 سيٽون کنيون آهن.
ساڳئي وقت، بي جي پي هڪ برهمڻ ۽ هڪ غير ذات جي ڊپٽي چيف منسٽر مقرر ڪندي توازن بھ قائم ڪيو آھي.نيلانجن مکوپاڌيا،جنهن وزيراعظم نريندر مودي تي ڪتاب لکيو آهي، جو چوڻ آهي ته نون نالن جو سامھون اچڻ جو رواج ڪو نئون ناهي. اهو اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جي دور ۾ پڻ ڏٺو ويو آهي.نيلانجن مکوپاڌيا جو چوڻ آهي ته ھاڻوڪن فيصلن سان اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهڙن اڳواڻن کي بنا ڪنهن وڏي عهدي ۽ ڪنهن وڏي حمايت جي وزيراعليٰ بڻايو ويو آھي.هن جو چوڻ آهي ته 2014 کان پوءِ، جڏهن جھارڪنڊ، هريانا ۽ مهاراشٽرا ۾ حڪومتون ٺهيون، تڏهن منوهر لال کٽر، ديويندر فڙنويس ۽ رگھوبر داس وزيراعليٰ بڻيا، جن کي ٿورا ماڻھون سڃاڻندا ھئا.ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ،وزيراعظم نريندر مودي هميشه انهن سان ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ سھولت محسوس ڪري ٿو جن جو ڪو خاص پروفائل نھ هجي. ڇاڪاڻ ته ھو نٿو چاهي ته ڪو به امڪاني طور سامهون کڙو ٿئي.مڌيا پرديش ۾، شيوراج سنگهه چوهاڻ پڻ پنهنجي اسڪيمن جهڙوڪ لاڏلي بهنا ۽ لاڏلي لڇمي جھڙين اسڪيمن جو گھڻو استعمال ڪيو. جنھن سان بي جي پي، کي پڻ فائدو ٿيو.
ماهرن موجب پارٽي چونڊن کان اڳ هر رياست ۾ وزير اعظم مودي جو چهرو سامهون رکيو. کٽڻ کان پوءِ سڀني اڳواڻن کي به مودي کي ڪريڊٽ ڏيندي ڏٺو ويو تھ ڇا نريندر مودي ۽ اميت شاهه هر اليڪشن ۾ بي جي پي جو چهرو هوندا؟ ان سوال تي راڌيڪا راماشن چئي ٿي ته ”جيڪڏهن توهان اڄ جي سياسي منظرنامي تي نظر وجهو ته گوا، گجرات، اتراڪنڊ، هريانا، انهن سڀني رياستن جا وزير اعليٰ دهلي مان چونڊي ويا آهن.ٽنهي وڏن وزيرن جي وچ ۾ ھڪ هڪجهڙائي اها آهي ته سڀئي راشٽريا سويم سيوڪ سنگهه جي ويجهو رهيا آهن،جنھن کي، بي جي پي جو سرپرست سمجهيو وڃي ٿو.پوءِ ڇا هاڻي رڳو آر ايس ايس سان لاڳاپيل ماڻھن جا چھرا وڏن عهدن تي نظر ايندا ؟
راڌيڪا راماشن جو چوڻ آهي ته مودي ۽ شاھ جي دور ۾ اي بي وي پي (آل انڊيا اسٽوڊنٽس يونين) اهم ٿي چڪي آهي. مودي پاڻ اي بي وي پي مان نه آيو آھي بلڪھ آر ايس ايس مان آيو ھو، پر، اي بي وي پي،جو بنياد آر ايس ايس رکيو ھو.
پارٽي ۾ صرف مودي ۽ شاهه جي پيروي ڪرڻ جي رجحان تي، نيلانجن مکوپاڌيائي، چوي ٿي ‘اهو 2014 کان ٿي رهيو آهي. هڪ يا ٻن ڪيس کي ڇڏي ڏيو، جيئن 2017 ۾ هنن منوج سنها کي يوپي جو وزيراعليٰ بڻائڻ چاهيو هو، پر ٻين هنڌن جي دٻاءَ سبب يوگي کي وزيراعليٰ بڻايو ويو، پر باقي ڪيسن ۾ آهستي آهستي اھو نظر اچي ٿو تھ هاڻي صرف ھڪ شهنشاهه ۽ اھو چونڊون وڙهندو.