ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾

نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر ،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.

ڪمال، ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون، شاعري ڇپجندي رهي. هي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي. آخري وقت وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد رهيو ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي 16 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.