سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تان بغاوت جو ڪيس داخل

ڄامشورو( ڊ ر ) مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تان يونيورسٽي جي ٻن استادن ۽ 15 شاگردن مٿان ملڪ سان بغاوتجو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڄامشوري ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس آءِ پي گل بيگ کٽياڻ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي  ٻن استادن ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ پروسٽ بوائز ھاسٽل ڊاڪٽر پسند کوسو کي به نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ ملڪ سان بغاوت ۽ دھشتگردي جا قلم شامل ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته شاگرد ثقلين سنڌي، حسنين راشد جوڻيجو، علي رضا بروهي، عبدالجبار بوزدار، علي گل سولنگي، ذيشان بليدي، سراج سنڌي، نظير کوسو، مظهر آريسر، نادر ڀيلار، علي ابڙو، فواد جانوري، ذيشان چانڊيو، آصف ڪيريو ۽ 60 کان 70 اڻڄاتل شاگرد سنڌ يونيورسٽي ۾ زيرو پوائنٽ وٽ پاڪستان خلاف نعرا هنيا، شاگردن طرفان اھڙو عمل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جا ٻه  استاد ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ بواءِ ھاسٽل پرووسٽ ڊاڪٽر پسند کوسو اھڙو اھڙو عمل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.