اسلام آباد ( م ڊ ) نگران گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب نگران گهرو وزير 13 ڊسمبر تي پنهنجي استعيفيٰ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي جمع ڪرائي ڇڏي هئي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم اڄ سرفراز بگٽي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. سرفراز بگٽي ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني.