لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سواليا نشان لڳائي ڇڏيا آهن: فيصل ڪريم

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي عام چونڊن بابت سواليه  نشان لڳائي ڇڏيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ختم ڪندي. اميد آهي ته اليڪشن شيڊول ڏينهن جي روشني ۾ جاري ڪيو ويندو. پ پ ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان آر او اليڪشن وڙهيا آهن ۽ هي اليڪشن به وڙهنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز عدليه مان نه ٿا اچن ته پوءِ ڪٿان ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.