دوائن جي کوٽ تي وڏي وزير جو نوٽيس

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر طرفان م انسولين، اي آر وي، اينٽي هاءِ بلڊپريشر دوائن جي کوٽ  بابت پهتل شڪايتن تي نوٽيس وٺندي  صحت کاتي کي خبردار ڪيو آهي ته دوائن جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته صوبي ۾ انسولين (اينٽي ذيابيطس)، اينٽي ريبيز ويڪسين (ڪتي جي چڪ واري ويڪسين ) ۽ اينٽي هائي بلڊپريشر دوائن جي کوٽ ناهي، ان لاءِ صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل مريضن لاءِ هر سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هن صحت کاتي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به مريض کي دوائن جي هٿرادو کوٽ يا بليڪ مارڪيٽنگ سبب مسئلا درپيش ٿيا ته برداشت نه ڪندس.صحت کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته انسولين جا 2955، اي آر وي جون 84252 ۽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر جون 2003967 دوائن جا پيڪيٽ سرڪاري اسپتالن ۾ موجود آهن.  اوپن مارڪيٽ ۾ مٿين دوائن جي دستيابي بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 187138 پيڪٽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر، 20700 دوائون اينٽي ريبيز ويڪسين ۽ 23486 انسولين (اينٽي ذيابيطس) جون شيشيون/ويڪسينون موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.