ويچارا ڳوٺاڻا ڪراس فائرنگ ۾ مارجي ويا، اصل قاتلن کي ڳوليون پيا:ڊي آءِ جي بينظيرآباد

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت کي ماڙي جلباڻي واقعي جو ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس  نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ماڙي جلبائي ڳوٺ ۾ چئن ڳوٺاڻن جي قتل ۽ 12 زخمين جي ڪيس ٻڌڻي ، عدالت ۾ ڊي آءِ جي شهيد بنظير آباد ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا، درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي جي وڪيل حيدر امام رضوي عدالت کي آگاهه ڪيو ته پوليس ڪيس کي سي ڪلاس ڪري رپورٽ واڳيل عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي، عدالت واڳيل مئجسٽريٽ جي عدالت کي ڪيس سي ڪلاس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڊي آءِ جي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڇا ڪري آيا آهيو، ڊي آءِ جي چيو ته شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا آهن ۽ بيانن جو جائزو ورتو آهي پر بيان ڪيس جي حمايت نه ٿا ڪن، ڪيس جو عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، جسٽس امجد سهتو چيو ته توهان جي ايس ايس پي ٻڌايو هو ته جوابدار نامعلوم آهن، توهان چئي رهيا آهيو ته جوابدارن جا منهن ڍڪيل هئا، عدالت ڪيس جي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي دوران مارجي ويل ڳوٺاڻا بي گناهه هئا، ڳوٺاڻا ويچارا ڪراس فائرنگ ۾ مارجي ويا، اصل قاتلن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، ماڙي جلباڻي ۾ موجود هٿياربندن جا منهن ڍڪيل هئا، واقعي جي ذميوار جوابدارن کي جلد گرفتار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.