مهراڻ ورسٽي جي نئين پاليسي خلاف شاگردن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) ڄامشورو ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي نئين ٽرم بيڪ پاليسي خلاف شاگردن پاران ٻئي ڏينهن به  ايڊمنسٽريشن بلاڪ اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو جيڪو ست ڪلاڪن تائين جاري رھيو، ڌرڻي دوران شاگردن پاران وقفي وقفي سان يونيورسٽي انتظاميا جي پاليسين خلاف سخت نعريبازي ۽ تقريرون ڪيون ويون،  جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا پاران ست ڪلاڪن تائين مسلسل لڳل ڌرڻي شاگردن سان ڪي به ڳالهيون نه سبب شاگردن احتجاج جو دائرو وڌائيندي اي سي ٽو کان مارچ ڪري يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو، شاگرد اڳواڻن فهد ٻگهيو، راحيل شورو، مير بگٽي ۽ نديم نوناري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران  ٽرم بيڪ پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف اربع ڏينهن به احتجاجن طور ڌرڻو ھنيو، وائيس چانسلر پاڻ خاطري ڪرائڻ نه پر ان پوليس ۽ ڪجهھ آفيسرن کي موڪليو جن اسان جو مسئلو ٻڌڻ يا حل ڪرڻ بدران ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي بار بار ايف آءِ آرون ڪٽڻ ۽ يونيورسٽي مان ريسٽيگيٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ھراسان ڪيو، يونيورسٽي انتظاميا اسان کي ھراسان ڪرڻ سميت اسان جي والدين کي به ڪالز ڪري ھراسان ڪري رھي آهي جيڪو عمل پڻ ناقابل برداشت آهي، يونيورسٽي انتظاميا پاران اهڙو شاگرد دشمن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ جاري رھندي جيڪا سڄي سنڌ ۾ پڻ پکڙجي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.