ڪراچي (پ ر) ڪراچي جي ترقي بابت اداري (ڪي ڊي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل نويد انور چيو آهي ته شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ڪي ڊي اي جي پهرين ترجيح آهي، جلد شهري پبلڪ هائوسنگ اسڪيم تحت سستي، معياري رهائشي پراجيڪٽن مان فائدو کڻي سگهندا.
پنهنجي آفيس ۾ پبلڪ هائوسنگ مارڪيٽنگ جي آفيسرن سان ملاقات ڪندي نويد انور چيو ته پبلڪ هائوسنگ اسڪيم جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو فوري طور اجلاس گهرايو وڃي، ڪي ڊي اي پبلڪ هائوسنگ اسڪيم جي خالي فليٽن، دڪانن جي نشاندهي مڪمل ڪري آڪشن جو مرحلو ميرٽ جي بنياد تي طئي ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪورنگي سوڪ سينٽر فيز 2 ۽ فيز 3 جي فزيبليٽي رپورٽ ٺاهي پيش ڪئي وڃي، ڪي ڊي اي پبلڪ هائوسنگ اسڪيم جي جن پراجيڪٽن تي قبضا مافيا جو راڄ آهي، انهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڊي جي ڪي ڊي اي ڊائريڪٽر پبلڪ هائونسگ کي وڌيڪ حڪم جاري ڪندي چيو ته سرجاڻي ٽائون ۾ پيپلز اسڪاءِ ويو اپارٽمنٽس جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن وچولي طبقي کي سستي ۽ معياري رهائش جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.
نويد انور چيو ته ادارو وڌيڪ پبلڪ هائوسنگ اسڪيمون متعارف ڪرائي رهيو آهي، جلد شهري پبلڪ هائوسنگ اسڪيم تحت سستي، معياري رهائشي پراجيڪٽن مان فائدو کڻي سگهندا، شهرين کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ڪي ڊي اي جي پهرين ترجيح آهي.
ان موقعي تي ڊائريڪٽر پبلڪ هائوسنگ اسڪيم ناصر خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرويز احمد ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.
You might also like