نوجوانن ۾ ڊپريشن جهڙا مرض پکڙجڻ جو وڏو سبب دريافت

موجودهه دور ۾ نوجوانن ۾ ڊپريشن جي ڪيسن جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي.
ڊپريشن جو شڪار ماڻهو دماغي ۽ جسماني ٻنهي قسم جي مسئلن کي منهن ڏيندا آهن.
هاڻي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ننڊ جي کوٽ ۽ ناقص ننڊ سان نوجوانن ۾ ڊپريسن ۽ آپگهات جي خيالن جو وڌي ويندو آهي.
سويڊن جي نيشنل سينٽر فار سوسائٽي ريسرچ اينڊ Preventatioin جي ان تحقيق ۾ اسڪولن ۾ پڙهندڙ 116 شاگردن کي شامل ڪيو ويو.
انهن شاگردن کان سمجهڻ ۽ اٿڻ جي وقتن جا تفصيل حاصل ڪري ڏٺو ويو ته عام ڏينهن ۽ موڪلن دوران سندن ننڊ جو وقت ڇا هو.
نوجوانن کان اهو به معلوم ڪيو ويو ته سندن ننڊ جو معيار ڪيئن آهي، ڊپريشن جو علامتون يا آپگهات جي خيالن کي ته منهن ناهن ڏيندا.
50 سيڪڙو نوجوانن جي ننڊ جو وقت اسڪول وڃڻ دوران 8 ڪلاڪن کان گھٽ هو جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ هو ته هو رات جو دير تائين جاڳڻ جا عادي آهن.
نتيجن مان خبر پئي ته ڊپريسن ۽ آپگهات جا خيال رپورٽ ڪندڙ نوجوانن ننڊ جي کوٽ جو شڪار به آهن.
محققن ٻڌايو ته نوجواني ۾ ننڊ جي کوٽ سان ڊپريشن ۽ ٻين ذهني مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 50 سيڪڙو جي ويجهو نوجوانن اعتراف ڪيو ته عام ڏينهن ۾ هو 8 ڪلاڪن کان گھٽ ننڊ ڪندا آهن.
ماهرن جو چوڻ هو ته نوجوانن جي ننڊ کي بهتر بڻائڻ سان سندن ذهني ۽ جسماني صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي جڏهن ته مختلف مرضن کان بچڻ سولو ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.