اسلام آباد (م ڊ) ڪينيڊين شهري سارا انعام جي قتل ڪيس ۾ جوابدار مڙس شاهنوار امير کي عدالت موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ناصر جاويد راڻا محفوظ فيصلو ٻڌائيندي جوابدار شاهنواز امير کي موت جي سزا جو حڪم ڏيندي 10 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو. سارا انعام کي 23 سيپٽمبر 2022 ۾ اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس سندس مڙس شاهنواز امير خلاف ڪيس داخل ڪندي کيس گرفتار ڪيو هو. ڪيس ۾ جوابدار جي ماءُ ثمينه شاهه به نامزد هئي، جنهن کي عدالت شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي آجو ڪري ڇڏيو. شاهنواز امير ۽ سندس ماءُ تي 5 ڊسمبر 2022 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو ۽ 9 ڊسمبر 2023 ۾ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو.