ميرٽ ۽ مستقبل بچائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙ نوجوان پرعزم، قومي شاهراهه تي ڌرڻي جي تجويز

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف متاثر نوجوانن جي ايڪشن ڪميٽي جي تحريڪ جي ترقي پسندن ، قوم پرست سياسي جماعتن ، بار ڪائونسل حمايت ڪري ڇڏي ڪالھ  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون ڇھين ڏينھن لڳل احتجاجي ڪيمپ تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاھ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ پنھنجن وفدن سميت شرڪت ڪري کين پنھنجي حمايت جو يقين ڏياريو. ايڪشن ڪميٽي کي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي 2 آگسٽ تائين نه ھٽائڻ جي صورت ۾ 3 آگسٽ کان قاسم آباد باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻڻ جي تجويز ڏني. ھن چيو ته مون احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي چيو آھي ته ھتي ويھڻ سان ڪجھ به نه ٿيندو، مون کين اھا صلاح ڏني آھي ته جيڪڏھن چيئرمين کي نه ٿو ھٽايو وڃي ته ڌرڻو هڻنداسين ۽ ھر صورت ۾ چيئرمين کي ھٽائينداسين ھن چيو ته مونکي اميد آهي ته نوجوان منھنجي ھن تجويز جي حق ۾ فيصلو ڏيندا ۽ ان جو اختيار انھن وٽ آھي . سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڳالھائيندي چيو ته 8 فيبروري 2024 تي چونڊن ذريعي آيل ھي حڪمران ميرٽ بجاءِ  پاڻ ھن جعلي نظام ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حالت به اليڪشن ڪميشن جھڙي آھي ھن چيو ته سنڌ ۾ نوجوانن لاءِ ميرٽ جا در بند ڪيا ويا آھن ھن سنڌ ۽ وفاق جي حڪومتن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ھي حڪمران جيڪڏھن اھليت جي بنياد تي سنڌ ۽ پاڪستان کي نه ھلائيندا ته اھا پاڪستان جي خدمت نه پر تباھي آھي ھن چيو ته جيڪڏھن پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي آندل ماڻهو نااھل ھوندا ته عوام جو رت چوسيندا. جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان جي چيئرمين  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان نوجوانن جي ھن تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا ،ماضي ۾ آئون خود  ھن اداري طرفان ميرٽ جي لتاڙ جو شڪار رھيو آھيان. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪيو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن زبيع الله، فخرالزمان کوھارو، سڪي لڌو چانڊيو، حنيف جوکيو، ڊاڪٽر طارق سھتو ، فرمان علي ملگاني ڪيمپ تي حمايت ۾ آيل سمورين ڌرين جا ٿورا مڃيا. ميرٽ جي لتاڙ خلاف جوڙيل ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عامر نواز وڙائچ جي روڊ بند ڪرڻ سميت سياسي جماعتن جي ٻين ڪيترين ئي ڏنل تجويزن بابت چيو ته تحريڪ ۾ شامل سنڌ جي سمورن دوستن ۽ ڪور ڪميٽي  سان صلاح مشورا ڪري آئيندہ لائحه عمل جوڙيو ويندو  ھنن  احتجاج جي حمايت تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ھلندڙ تحريڪ ۾ فيصلي سازي جو اختيار فقط شاگردن وٽ آھي. اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪور ڪميٽي جو فيصلو ئي اصل فيصلو ھوندو سنڌ  ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ وجاھت احمد چيو ته ڪيمپ جا اسانکي زبردست ۽ اثرائتا نتيجا ملي رھيا آھن.

You might also like