پ پ جي عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سان جنگ؟زرداري جي صدارت خطري ۾؟

لاهور(سجاد انور)صدر آصف زرداري 6 جولاءِ کانپوءِ تقريبن 15-20 ڏينهن کان ڪراچي ۾ موجود آهن ۽ اهي ناراض ٿي ڪراچي ۾ ويٺل آهن، ۽ ان پوري عرصي ۾ هو اسلام آباد واپس ناهي آيو، هاڻي ان جي پٺيان اصل ڪهاڻي کلي سامھون اچي وئي آهي جنهن تي پوري ميڊيا جو ڪو ڌيان ناهي،صدر نون ججن جي مقررين واري هڪ سمري روڪي رکي آهي، ڇو ته صدر  جو خيال آهي ته مسلم ليگ نواز ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجن ججن کي مقرر ڪرائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن ته ڏئي ڇڏيو آهي پر جيڪي جج پيپلز پارٽي نامزد ڪياهئا انهن جو ان ۾ ذڪر شامل ناهي،عدالتي معاملن تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي حسنات ملڪ موجب صدر پاران نوٽيفڪيشن روڪڻ تي پوري عدليه هن  سان ناراض آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته آئيني عدالت صدر زرداري جي خلاف ڪو جڊيشل آرڊر (عدالتي حڪم) به پاس ڪري سگهي ٿي. حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي اڄ تائين جيڪي به جج نامزد ڪيا آهن، سسٽم انهن کي قبول ناهي ڪيو. ان کان اڳ به ڪئي واقعا آهن؛ بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي دور ۾ تقريبن 20 جج شامل ڪرايا هئا، سجاد علي شاهه ان وقت جو چيف جسٽس هو، هن اهي سڀ جج فارغ ڪري ڇڏيا هئا. ان کانپوءِ جڏهن جسٽس ڊوگر جي عدالت ٺاهي وئي هئي افتخار چوڌريءَ جي خلاف (جڏهن افتخار چوڌريءَ کي هٽايو ويو هو)، ان وقت به جيڪي جج مقرر ڪيا ويا هئا جيڪي پيپلز پارٽي جا حامي يا نامزد ٿيل هئا، افتخار چوڌريءَ واپس اچي انهن جي به موڪل  ڪرائي ڇڏي هئي.پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته اسان اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ٻنهي لاءِ عمران خان جي خلاف ڪلهو ڏئي بيٺا آهيون، ۽ اسان هڪ اهڙو اهم حصو آهيون جو جيڪڏهن اسان پنهنجي حمايت ختم ڪري ڇڏيون ته هي سسٽم هيٺ ڪري پوندو. ان کانپوءِ به جيڪڏهن اسان جا نامزد ڪيل جج نه لڳندا ته پوءِ اسان کي ان سسٽم ۾ رهڻ جو ڇا فائدو؟ بلاول ڀٽو ۽صدر زرداري ٻنهي ان تي هڪ اسٽينڊ ورتو آهي،سنڌ مان ٻن ججن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ججن هڪ معيار ٺاهيو آهي ته 45 سالن کان گھٽ عمر جي وڪيل کي جج نٿو بڻائي سگهجي، ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جو اهو موقف هو ته انهن کي لاهور هاءِڪورٽ ۾ به پنهنجو نامزد جج ڏيڻو هو، پر مسلم ليگ نون شرط رکيو ته توهان سنڌ ۾ اسان جي نامزد ڪيل کي جج بڻايو، پوءِ اسان توهان کي لاهور ۾ جڳهه ڏينداسين. ان تي به ڳالهه نه ٺهي، تنهنڪري صدر زرداري اهو نوٽيفڪيشن روڪي رکيو آهي،حسنات ملڪ موجب هڪ وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت پاڻ پيپلز پارٽي ٺاهي آهي، ۽ ائين نه ٿئي جو اها پي ٽي آئي کانپوءِ پيپلز پارٽي  خلاف ئي فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڏئي! ۽ ان ئي ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪا به متتاثر ٿيل ڌر يا حڪومت پٽيشن وٺي هلي وڃي ته آئيني عدالت اهڙو عدالتي حڪم پاس ڪري سگهي ٿي جو صدر صاحب کي پنهنجي ڪرسيءَ تي بيهڻ به ڏکيو ٿي پوي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي اهو چئي رهي آهي ته آزاد ڪشمير ۾ انهن کي هارائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ نون هڪ پيج تي آهن. تنهنڪري هي جيڪو ٽڪراءُ آهي هڪ پاسي عدليه، ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلز پارٽي کي پاسيرو   ڪيو پيو وڃي ،صدر زرداري ٽڪراءُ جي پاليسي نٿو چاهي. پر هاڻي هو سمجهڻ لڳو آهي ته شايد کين بند گهٽيءَ ۾ ڌڪيو پيو وڃي. ڇو ته کانئن هر ترميم ۽ فيصلي تي آڱوٺو ته لڳرايو پيو وڃي ۽ اهي پوريءَ طرح بدنام به ٿي رهيا آهن ته هو ان نظام ۾ سهولتڪاري ڪري رهيا آهن. عدليه کي ڪمزور ڪرڻ ۾ به پيپلز پارٽي جو هڪ رول آهي. هاڻي اها ئي ڪمزور عدليه جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي خلاف اٿي بيهي ۽ جنهن طرح پي ٽي آءِ جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ان جو مطلب ڇا ٿيندو؟ جڏهن ته  ٽڪراءُ وڌندو ته پوءِ ڀڃ ڊاهه به ٿي سگهي ٿي. ميڊيا مهم شروع ٿي سگهي ٿي، انهن جي خلاف ڪيس کلي سگهن ٿا، ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي حمايت واپس وٺڻ جو اعلان به ڪري سگهي ٿي،ذريعن موجب هاڻي جڏهن صدر زرداري جي پنهنجي جڳهه گھٽجي رهي آهي يا سندس صدارتي دفتر جو احترام گهٽايو پيو وڃي، ته زرداري لاءِ به بلاول کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو. ٿي سگهي ٿو پيپلز پارٽي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ اسلام آباد ۾ وڏو اجلاس ڪري، جنهن ۾ سخت تقريرون ڪري نئين بيانيي جو اعلان ڪن ته "اسان وڌيڪ انهن سان نٿا هلي سگهون”، يا هڪ پنهنجو "چارٽر آف ڊمانڊز” (مطالبا) رکن ته هي شيون پوريون ڪريو نه ته  اسان الڳ ٿي وينداسين.

You might also like