ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اي-ٽرانسفر نظام تحت استادن جي بدلين جي منظوري ڏني وئي آهي.
جاري ڪيل حڪم نامي موجب اي-ٽرانسفر جي پهرين مرحلي ۾ 2 هزار 59 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن.
پهرين مرحلي ۾ 1 هزار 625 بدليون عام ڪيٽيگري، جڏهن ته 434 گڏيل رضامندي جي بنياد تي ڪيون ويون آهن. حڪم نامي موجب، 1 هزار 163 مرد ۽ 896 عورت استادن جي بدلين جي منظوري ڏني وئي آهي.
حڪم نامي موجب استاد ۽ شاگردن جي نسبت کي نظر ۾ رکندي 644 استادن جون بدليون ڪيون ويون، جڏهن ته پرڻيل هجڻ جي بنياد تي 544 استادن جي بدلين جي منظوري ڏني وئي.
طبي بنيادن تي 173، قبيلائي تڪرارن جي بنياد تي 100 ۽ جسماني معذوري جي بنياد تي 31 استادن جون بدليون منظور ڪيون ويون، جڏهن ته گڏيل رضامندي واري ڪيٽيگري ۾ 434 درخواستون منظور ڪيون ويون.
پڌرائي موجب، اي-ٽرانسفر نظام تحت استادن جي فراهمي سبب 41 اسڪول ٻيهر فعال ٿي ويا آهن.