ٽيون ڏينهن صبح تعلقو چمبڙ جي يوسي دادجروار ڳوٺ لڳ غلام حسين لنڊ ۾ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جتي لڳ ڀڳ 35 ورهين جي پاري ڪولهڻ جيڪا چئن ٻارن جي ماءُ هئي پنهنجي زندگي جو انت آندو
ڪجهه ڏينهن اڳ سندس معصوم نياڻي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي اها نياڻي هن وڏي محبت شفقت ۽ اميد سان پالِي هئي، پر غربت سندس سڀ کان وڏي دشمن بڻجي بيٺي پهرين کيس چمبڙ جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان هميشه وانگر رڳو ريفر ليٽر ڏئي حيدرآباد سول اسپتال اماڻيو ويو. افسوس اتي به غريب ۽ پورهيت ماڻهن سان ٿيندڙ لاپرواهي ختم نه ٿي، علاج بدران ڪيترائي خاندان پنهنجن پيارن جا لاش واپس کڻي اچڻ تي مجبور ٿين ٿا. پاري جي معصوم نياڻي به آخرڪار لاش بڻجي پنهنجي ڳوٺ موٽي آئي
ان صدمي پاري جي زندگي اجاڙي ڇڏي. هوءَ رات ڏينهن پنهنجي نياڻي جي وڇوڙي ۾ روئيندي رهي. اڌ رات جو اٿي پنهنجي معصوم کي سڏيندي رهي پر جنهن کي هوءَ پڪاريندي هئي اها ته اڳ ئي مٽي جي هنج ۾ آرامي ٿي چڪي هئي. آخرڪار اڄ اهو درد هن کان برداشت نه ٿيو ۽ هن پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي.
پر حقيقت ۾ اها صرف هڪ عورت جي خودڪشي نه آهي، اها غربت، محرومي، اڻپوري صحت جي سهولتن، سماجي بي ڌياني ۽ ذهني صحت بابت شعور جي کوٽ جو المناڪ نتيجو آهي
يوسي دادجروار منهنجو به ڳوٺ آهي هتي ڪولهي برادري جا ڪيترائي وڏا ڳوٺ آهن جتي گهڻا ماڻهو ڏهاڙي مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا مون سالن کان هنن پورهيتن جا درد لکيا آهن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته صرف ٻن سالن دوران لڳ ڀڳ پنجاهه خودڪشين جا واقعا سامهون آيا آهن جن ۾ اجتماعي خودڪشين جا به دردناڪ واقعا شامل آهن. ڪيترن ئي موقعن تي مون ڀيڻ، ڀاءُ ۽ سندن گهرڀاتين جا لاش پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن. اهي منظر لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهجن
سنڌ ۾ سالن کان حڪومتون بدلجن ٿيون واعدا ورجائجن ٿا، پر دادجروار جهڙن ڳوٺن جي قسمت نٿي بدلجي غربت بيروزگاري ناقص صحت جون سهولتون اڻپوري تعليم ۽ ذهني صحت بابت بي خبري ماڻهن کي مايوسي جي ان حد تائين پهچائي رهي آهي جتي هو پنهنجي ئي زندگي ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا
اسان جو مطالبو حڪومت کان هجي يا نه پر انساني حقن جي ادارن، سماجي تنظيمن ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري طور اڳتي اچڻ گهرجي. دراوڙ ۽ ڪولهي برادرين جي ڳوٺن ۾ معياري اسڪول قائم ڪيا وڃن، صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ذهني صحت بابت آگاهي مهمون هلائجن، نفسياتي ماهرن جون ٽيمون موڪليون وڃن، نوجوانن ۽ خاندانن کي شعور همٿ ۽ قانوني حقن بابت تربيت ڏني وڃي ته جيئن ماڻهو نااميدي بدران جدوجهد جو رستو اختيار ڪن.ڪنهن به سماج جي سڀ کان وڏي شڪست اها هوندي آهي جڏهن ان جا پورهيت غريب ۽ محروم ماڻهو زندگي کان اميد وڃائي ويهن. جيڪڏهن اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي اهڙن لاشن جو انگ وڌندو ويندو. سو وقت اچي ويو آهي ته محرومي، جهالت ۽ ناانصافي خلاف سنجيد قدم کنيا وڃن جيئن هر انسان کي عزت سان جيئڻ جو حق ملي ۽ ڪنهن به ماءُ کي پنهنجي درد جي هٿان زندگي ختم ڪرڻ تي مجبور نه ٿيڻو پوي