ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ساڍا 8 ارب رپين جا 4 ميگا منصوبا ايف ڊبليو او حوالي ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 8 ارب رپين جي لاڳت سان 4 ميگا منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن مان 3 منصوبن تي آگسٽ مهيني دوران باقاعده زميني ڪم شروع ڪيو ويندو، حڪومت انهن منصوبن جي تعمير جو ڪم ايف ڊبليو او حوالي ڪري ڇڏيو، اهم منصوبن ۾ سپر هاءِ وي (ايم نائن) تي ناردرن باءِ پاس ويجهو نئين فلاءِ اوور (انٽرچينج) جي تعمير پڻ شامل آهي، سنڌ جي مڪاني کاتي موٽر وي مٿان فلائي اوور جي تعمير لاءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان اين او سي حاصل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، هي منصوبو جناح ايونيو، ملير ڪينٽ روڊ، حيدرآباد ۽ سهراب ڳوٺ سبزي منڊي ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي سڌي سهولت فراهم ڪندو، جنهن سان ڊگها يوٽرن ختم ٿي سگهندا، هن فلائي اوور ۽ جناح ايونيو جي بحالي ۽ خوبصورتيءَ واري ڪم تي لڳ ڀڳ 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيڻ جو اندازو آهي، ٻئي اهم منصوبي تحت الاصف اسڪوائر سامهون ابوالحسن اصفهاني روڊ کي موٽر وي سان ڳنڍڻ لاءِ 2 ارب 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان فلاءِ اوور تعمير ڪيو ويندو، جنهن تي پڻ آگسٽ ۾ ڪم شروع ٿيندو، هاڪس بي روڊ جي واءِ جنڪشن کان مڇي چوڪ تائين ساڍا 8 ڪلوميٽر روڊ ۽ مڇي چوڪ کان ڪاڪا پير روڊ تائين تعميراتي منصوبي تي 4 ارب 16 ڪروڙ 20 لک رپيا خرچ ٿيڻ جو اندازو آهي، جڏهن ته هن منصوبي تي به آگسٽ دوران ڪم شروع ڪيو ويندو، ان کانسواءِ ملير هالٽ انڊر پاس منصوبي تي پڻ جلد تعميراتي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي.