لاهور / حيدرآباد (پ ر) پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي مرڪزي قيادت جو هڪ ڏينهن جو اجلاس لاهور جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن مان هاري اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي صدر طارق محمود ۽ جنرل سيڪريٽري رفعت مقصود ڪئي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي صدر فيض ڪيريو، عاشق ڊومڪي، گلزار خان، مهر غلام عباس، فاروق طارق، حسنين جميل فريدي، صائمه ضياءَ ۽ زيب النساء، پروفيسر ضيغم عباس ۽ ٻين اڳواڻن پڻ اجلاس کي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ جلال پور ڪينال جي تعمير روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته اهو منصوبو آئين ۽ 1990ع جي پاڻي معاهدي جي آرٽيڪل 14(B) جي خلاف آهي. اجلاس جي راءِ ۾ جلالپور ڪينال سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي. رسول بئراج مان نڪرندڙ 117 ڪلوميٽر ڊگهي هن ڪينال واري منصوبي کي فوري طور بند ڪيو وڃي.اجلاس ۾ ملڪ جي زرعي شعبي ۾ جاري بحران تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته موجوده حڪومت جون زرعي پاليسيون هاري دشمن آهن. اجلاس ۾ هارين کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت ڏيڻ بدران ڏهه لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي هٺ ڌرمي جو نتيجو قرار ڏنو ويو.اجلاس ۾ 17 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجن دوران وهاڙي ۾ اٺ هاري اڳواڻن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي وئي.اجلاس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، ماحولياتي انصاف، گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ زمين جي مالڪي جي حق لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ملڪ جي چئن ئي صوبن ۾ وڏا اجتماع، جلسا ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي. سنڌ ۽ بلوچستان کي سندن حصي جو پاڻي فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. اجلاس ۾ جاگيرداري نظام جي سخت مخالفت ڪندي زمينون هارين، آبادگارن ۽ بي زمين زرعي مزدورن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.