ننڍپڻ کان وٺي اسان کي اهو سيکاريو ويو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته مظفرآباد، سرينگر کي ڀارتي قبضي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ بنيادي مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اسان کي اهو به سمجهايو ويو ته ڪشمير پاڪستان لاءِ ايترو اهم آهي، جو ان جي خاطر ڀارت سان ٽي جنگيون (1948ع، 1965ع ۽ 1999ع) وڙهيون ويون. ڪڏهن ڪنٽرول لائين پار قبائلي موڪليا ويا ته ڪڏهن مجاهد روانا ڪيا ويا. مختلف جهادي تنظيمن نوجوانن کي ڀرتي ڪيو، کين عسڪري تربيت ڏني ۽ چندو گڏ ڪيو. سرحد پار مارجي ويل مجاهدن جي وارثن کي مبارڪون ڏنيون ويون. سرينگر جي وسيع شهيدن جي قبرستان ۾ موجود قبرن مان لڳ ڀڳ چوٿون حصو انهن 18، 20 ۽ 22 ورهين جي نوجوانن جو آهي، جيڪي هتان کان اتي ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ جي نالي تي موڪليا ويا. جذبا گرم رکڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ميڊيا تي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن بابت دستاويزي فلمون ڏيکاريون وينديون رهيون. ڀارتي پوليس ۽ فوج جي لاٺي چارج، فائرنگ ۽ آنسو گيس جي استعمال جون وڊيوز بار بار نشر ڪيون وينديون رهيون. ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سياسي ۽ مذهبي جماعتون وقت بوقت جلسا، جلوس ۽ احتجاجي ريليون ڪڍنديون رهيون.
ڪشمير جي ڀارت کان آزادي واري عزم کي ياد رکڻ لاءِ 5 فيبروري کي قومي موڪلن جي سالياني ڪئلينڊر ۾ خاص طور شامل ڪيو ويو. ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائٽس واچ، گڏيل قومون، يورپي يونين ۽ ڀارت جي انساني حقن سان لاڳاپيل شخصيتن پاران جاري ڪيل هر رپورٽ ۽ بيان، جنهن ۾ ڀارتي ڪشمير جي صورتحال تي روشني وڌي وئي، پاڪستاني ميڊيا ان کي هميشه نمايان جاءِ ڏني. پاڪستان جون حڪومتون به گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن بابت تفصيلي دستاويز پيش ڪنديون رهيون پاڪستان جي هر پارليامينٽ ڪشمير جي معاملي تي بيشمار مذمتي قراردادون منظور ڪيون. ان مقصد لاءِ هڪ ڪشمير ڪميٽي پڻ قائم آهي، جنهن جو بنيادي ڪم عالمي برادري کي ڪشمير جي مسئلي کان لاڳيتو آگاهه رکڻ آهي اٺهتر ورهين تائين ماڻهن کي اهو ئي منظر ڏيکاريو ويندو رهيو ته سرحد جي ٻئي پاسي رهندڙ ڪشميري ڪيترا نه مظلوم، بيزار ۽ ڏکيا آهن، جڏهن ته اسان جي انتظام هيٺ رهندڙ ڪشميري مطمئن، خوشحال ۽ قومي جذبي سان سرشار آهن. هڪ پاسي مسلسل ظلم ۽ حق تلفيون آهن، ته ٻئي پاسي ترقي، خوشحالي ۽ سڪون جو تصور پيش ڪيو ويندو رهيو پر پوءِ اوچتو آخر ڇا ٿي ويو؟
لڳ ڀڳ چار سال اڳ ميرپور ۽ راولاڪوٽ ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري واپڊا خلاف عوامي بائيڪاٽ سان ڳالهه شروع ٿي. پوءِ خراب حڪمراني ماڻهن جي بحث جو اهم موضوع بڻجي وئي. ان کان پوءِ چونڊيل نمائندن جي مراعات ۽ عيش عشرت بابت سوال اٿڻ لڳا. آهستي آهستي رياست کان ٻاهر لاءِ مخصوص 12 اسيمبلي سيٽن تي به اعتراض ٿيڻ لڳا. ماڻهن جو چوڻ هو ته اهي سيٽون نمائندگي لاءِ نه، پر اسلام آباد کي مظفرآباد تي پنهنجي پسند جا ماڻهو مسلط ڪرڻ جو وسيلو آهن، جن جي ذريعي حڪومتون ٺاهيون ۽ ڊاهيون وڃن ٿيون چوندا آهن ته زڪام اسلام آباد کي ٿيندو آهي، پر ڇڪ مظفرآباد کي ايندي آهي. اسلام آباد ۾ حڪومت تبديل ٿيندي آهي ته مظفرآباد ۾ به حڪمران چهرا بدلجي ويندا آهن، جڏهن ته رياست جا عام ماڻهو هن سموري سياسي "ميوزيڪل چيئر” واري راند کان مڪمل طور ٻاهر رهجي ويندا آهن.
جتي تائين گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي (JAAC) جو تعلق آهي، اها ڪنهن خود رو ٻوٽي وانگر ان وقت اُڀري، جڏهن وچولي طبقي جي نوجوانن ۽ واپارين جو روايتي سياسي قيادت ۽ حڪمراني جي نظام تان آهستي آهستي اعتماد ختم ٿيڻ لڳو. ان کان پوءِ مقامي سطح تي احتجاج شروع ٿيا، لانگ مارچ جون ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت سان ڳالهيون ۽ سوديبازيون هلنديون رهيون. ڪيترائي لکيل معاهدا به ٿيا ۽ انهن تي عملدرآمد لاءِ وقت جون حدون پڻ مقرر ڪيون ويون، پر عملي نتيجا سامهون نه اچي سگهيا پر هر وقفي کي امن سمجهڻ جي خراب عادت ۽ غير سنجيدگيءَ کان ڪڏهن به ڇوٽڪارو نه مليو. جيڪا بي اعتمادي اڍائي کان ٽي سال اڳ پيدا ٿي هئي، ان کي بروقت ۽ مضبوط فيصلن سان ختم ڪرڻ بدران ائين ئي ڇڏي ڏنو ويو.
هاڻي اها اهو ڏار هڪ اهڙي وڏي وٿي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جو پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڳاڙهو ٿيندو پيو وڃي. جيڪو مسئلو ڪجهه وقت اڳ تائين معمولي دردڪشن دوائن سان حل ٿي سگهيو ٿي، اهو هاڻي ناسور بڻجي چڪو آهي، جنهن لاءِ آءِ سي يو ۽ آپريشن جي ضرورت پيش اچي رهي آهي. البت اهو آپريشن ماهر سرجن ڪري رهيا آهن يا اڻڄاڻ عطائي، ان بابت ڪنهن کي به خبر ناهي. حڪمراني ۽ بيانيي جي هن تڪرار کي هاڻي پرڏيهي مداخلت ۽ دهشتگردي سان ڳنڍيو پيو وڃي. هڪ طرف گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، ته ٻي طرف ساڳئي ڪميٽي سان ڳالهين ۽ ان کي مرڪزي سياسي ۽ چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ جون آڇون پڻ ڪيون پيون وڃن. علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل آهي ۽ موبائل فون جون سهولتون به محدود ڪيون ويون آهن. ان هوندي به حڪومت عوام کي اپيل ڪري ٿي ته هو افواهن تي ڌيان نه ڏين، سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا کان بچن ۽ رڳو سرڪاري پريس رليزن تي ڀروسو ڪن. اڳي چيو ويندو هو ته رياست جي استحڪام لاءِ تشدد تي رڳو رياست جي اجارداري هئڻ ضروري آهي، پر هاڻي ته خبرن ۽ ڄاڻ تي به رياست جي اجارداري قائم ٿيندي نظر اچي رهي آهي. پيشاوراڻي ميڊيا جي زبان صرف بند نه ڪئي وئي آهي، پر ڄڻ سبي به وئي آهي. اڳ ۾ ئي اڳوڻو فاٽا ۽ بلوچستان قومي ميڊيا جي پهچ کان گهڻو پري هئا، هاڻي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير به هڪ اهڙي "خبري بليڪ هول” ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جتي صحيح ۽ آزاد معلومات جو پهچڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، ڀلي اهو پاڪستاني انتظام هيٺ ڪشمير هجي يا ڀارتي انتظام هيٺ.
ميڊيا ۾ ڪشمير بابت ڪوريج دراصل ٻار کي ريجهائڻ واري انداز جهڙي بڻجي وئي آهي. اسان جي ننڍپڻ ۾ جڏهن حجم طوهر ڪرڻ کان اڳ ڊنل ٻار جو ڌيان هٽائڻ چاهيندو هو ته چوندو هو، "ڏس پٽ، آسمان ڏانهن ڏس، چڙي اُڏي، ڪانو اُڏيو، بلبل اُڏي… اهو ڏس فلاڻي پارٽي ايتريون سيٽون کٽي رهي آهي، اهو ڏس بلاول جي جلسي ۾ ڪيترا ماڻهو گڏ ٿيا آهن.” "ڪشمير جا جبل ڏسو، آبشارن جو حسن ڏسو، فطرت جا نظارا ڏسو… هيڏانهن نه ڏسو، رڳو سامهون ڏسندا رهو.”
اهي ئي ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائٽس واچ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جا انساني حقن وارا ادارا، جن جون ڀارتي انتظام هيٺ ڪشمير بابت رپورٽون پاڪستان ۾ وڏي اهميت سان پيش ڪيون وينديون رهيون، هاڻي جڏهن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي صورتحال بابت سوال اٿارين ٿا ته کين گمراهه، جانبدار يا حقيقتن کان اڻواقف قرار ڏنو وڃي ٿو.